Friday , March 29 2024

منهنجي ڌيءُ فاطمه به عضوا عطيو ڪندي: چيف جسٽس سپريم ڪورٽ

ڪراچي( سنڌسماءَچار) چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته، من هنجي ڌيءُ فاطمه به پنهنجا عضوا عطيو ڪندي، مرڻ کانپوءِ انساني عضوا عطيو ڪرڻ بابت ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ٿي رهي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ نوابشاهه ۾ ارڙي جي وئڪسين لڳڻ سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري معاملي جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته، جڏهن اقبال حيدرمرڻ کانپوءِ پنهنجا عضوا عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ته، ملڪ ۾ وڏو هُل ڪيو ويو هو، پر جڏهن مان پاڻ اهڙو اعلان ڪيو آهي ته، ان تي اهڙُ ڪو معاملو ناهي ٿيو، جنهن جو مطلب آهي ته ان حوالي سان ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ٿي آهي.

سپريم ڪورٽ نوابشاهه ۾ ارڙي جي وئڪسين پيئڻ بعد 5 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري معاملي جي ٻڌڻي دوران ماهر ڊاڪٽر وسيم جعفري کان رپورٽ گهري آهي. چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ نوابشاهه ۾ ارڙي جي وئڪسين پيئڻ بعد 5 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران فوتي ٻارڙن جا وارث به عدالتي ڪمري ۾ پهتا، جن کي ڏسي چيف جسٽس چيو ته اوهان جي ٻچڙن جي فوت ٿيڻ واري خبر تي ڏک پهتو آهي.

ٻارڙن جي وارثن چيو ته ڪيس سي ڪلاس ۾ اڪلائڻ لاءِ مٿن دٻاءُ وڌو پيو وڃي، چيف جسٽس چيو ته ترسو ۽ معاملي جي جاچ ٿيڻ ڏيو. چيف جسٽس چيو ته ڏسڻو آهي ته فوتگين جو سبب قدرتي آهي يا انساني غفلت، جيڪڏهن ڪنهن جي غفلت ثابت ٿي ته ان کي معاف نه ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ ۾ انساني عضون جي پيوندڪاري ۽ غير قانوني وڪري واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو آهي ته جڏهن اقبال حيدر عضوا عطيو ڪيا ته وڏو شور ٿيو، منهنجي اهڙي اعلان تي گوڙ نه ٿيڻ جو مطلب آهي ته ان حوالي سان سجاڳي پئدا ٿي چڪي آهي.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ انساني عضون جي پيوندڪاري ۽ غير قانوني وڪري واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي ڪميٽي پاران منير اي ملڪ پيش ٿيو. منير اي ملڪ عدالت کي ٻڌايو ته عضون جي غيرقانوني وڪري جي روڪٿام لاءِ في الحال ڪي تجويزون تيار نه ٿيون آهن، هڪ عالمي ڪانفرنس گهرائي وئي آهي، جنهن بعد سفارشون جوڙي پيش ڪيون وينديون. جسٽس ثاقب نثار چيو ته هاڻ سندس نياڻي فاطمه به پنهنجا عضوا عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ سيشن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *