Tuesday , April 23 2024

ملڪ جو عوام پريشان ! وفاقي سرڪار افغانستان لاءِ امدادي فنڊ قائم ڪندي

اسلام آباد ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) ملڪ ۾ مهانگائي سبب اٽو، کنڊ ۽ ٻيون عام واهپي جون شيون عوام جي پهچ مان نڪري وڃڻ باوجود وفاقي حڪومت افغان حڪومت جي مدد لاءِ امدادي فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وفاقي وزير فواد چوڌري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، افغان امن خطي لاءِ انتهائي امهم آهي، ڪابينا ۾ افغانستان جي صورتحال تي غور ڪيو ويو، ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته پاڪستان افغان معاملي تي او آءِ سي سان رابطو ڪري اجلاس سڏائي. فواد چوڌري چيو ته ڪابينا ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته، پاڪستان حڪومت افغانستان جي حڪومت ۽ عوام جي مدد لاءِ فنڊ قائم ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تي لاڳاپيل اختياريون ڪم ڪري رپورٽ پيش ڪنديون، جنهن بعد جلد ئي افغانستان جي مدد لاءِ فنڊ قائم ڪيو ويندو. اسان نٿا چاهيونته افغانستان ۾ ڪو انساني ۽ معاشي الميو پيدا ٿئي.

ان موقعي تي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته، حڪومت ۽ تحريڪِ طالبان پاڪستان مڪمل سيز فائر لاءِ راضي ٿي ويا، ان سلسلي ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري انڪشاف ڪندي چيو آهي ته، ٽي ٽي پي سان ملڪي آئين ۽ قانون موجب ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڳالهين ۾ رياست جِي حاڪميت ۽ ملڪي سلامتي کي يقيني بڻايو ويندو، ڳالهين ۾ افغان عبوري حڪومت سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو، ملڪ جا متاثر علائقا ڊگهي عرصي کانپوءِ مڪمل امن ڏانهن وڌي رهيا آهن. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته ٽي ٽي پي سان ڳالهيون پاڪستان جي آئين ۽ قانون کي قبول ڪرڻ بعد ئي اڳتي وڌينديون، ٽي ٽي پي سان ڳالهين ۾ افغانستان جي موجوده حڪومت ۽ افغان طالبان جي سهڪار سان ئي ٿي رهيون آهن. جيڪو به فيصلو ٿيندو اهو ملڪي قانون ۽ آئين تحت ئي هوندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *