Thursday , April 18 2024

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم پنهنجي ماتحت آفيسرن آڏو پيش ٿي سوالن جا جواب ڏيندو

report

پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم جي آءِ ٽي، وزيراعظ۾ نواز شريف جي پٽ حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ واري مامري جي جاچ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾  جمع ڪرائي ڇڏي آهي. جاچ ٽيم جو چوڻ آهي ته حسين نواز پاران جي آءِ ٽي تي اعتراض وارڻ جو اصل مقصد جاچ ۾ روڙا اٽڪائڻ ۽ ٽيم کي بدنام ڪرڻ جي سازش جو حصو آهي.

جي آءِ ٽي پاران سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، وزير اعظم جي پٽ جي جيڪا تصوير جي آءِ ٽي مان ٻاهر نڪري سوشل ميڊيا ۽ بعد ۾ ميڊيا تي آئي ان جي جاچ ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، تصوير ليڪ ٿيڻ جي 24 ڪلاڪن اندر مامري جي جاچ تھ تائين پهچي اصل جوابدار Culprit   کي جي آءِ ٽي مان نيڪالي ڏئي سندس خدمتون اصل کاتي حوالي ڪري ان کاتي کي به هدايت ڪئي ته سندس خلاف محڪماجاتي ڪارروائي ڪئي وڃي. ان کاتي به تصوير ليڪ ڪندڙ جوابدار  Culprit    خلاف محڪماجاتي ڪارروائي جي پڪ ڏياري هئي. جي آءِ ٽي پاران ان جوابدار جو نالو رپورٽ ۾ ناهي لکيو ويو. جنهن تي عدالت جي آءِ ٽي جي سربراھ کي چيو ته جوابدار جو نالو ضرورت پوڻ تي اوهان کي ٻڌائڻو پوندو.

images

پاناما مامري جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ اهو به واضع ڪري ڇڏيو آهي ته، تصوير ليڪ واري مامري سميت مختلف هٿڪنڊا استعمال ڪري جي آءِ ٽي جي ڪم ۾ روڙا اٽڪائي ڪم ۾ رنڊڪون وجهڻ جون ڪوششون ڪيو پيوون وڃن. رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته، رياستي ادارا جاچ ۾ مددگار ثابت ٿيندڙ دستاويزن ۾ هيراڦيري ڪري رهيا آهن، اهڙي ماحول ۾ جي آءِ ٽي سپريم ڪورٽ پاران ڏنل مقرر وقت ۾ جاچ ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.

سپريم ڪورٽ پاران ان ڳالھ تي به سوال ڪيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي جي رويي بابت رجسٽرار کي لکيل خط ميڊيا تائين ڪين پهچي ويو؟

سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس جاچ ۾ مشڪلاتن تي حڪومت کان جواب طلبي ورتو، حسين نواز جي وڪيل کان جي آئي ٽي جي رپورٽ تي جواب ڏيڻ جو حڪم، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته جيڪڏهن جاچ ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون ته جاچ مقرر وقت ۾ ڪيئن ٿيندي؟ جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪالهه حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي ٻڌڻي ڪئي، انهي موقعي تي عدالت ۾ حسين نواز جو وڪيل خواجا حارث، جاچ ٽيم جو سربراهه واجد ضياءَ ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل رانا وقار پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز افضل جي آءِ ٽي جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ حسين نواز جي وڪيل خواجا حارث کي چيو ته اوهان کي جي آءِ ٽي جو جواب ڏسڻ گھرجي ها، جي آءِ ٽي گھڻين الزامن جي ترديد ڪئي آهي، عدالت چيو آهي ته جيڪڏهن اٽارني جنرل آفيس کي اعتراض نه هجي ته حسين نواز جي وڪيل کي جي آءِ ٽي جو جواب ڏيکاريو وڃي، انهي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو آهي ته کين ڪو اعتراض ناهي، عدالت چيو ته اٽارني جنرل ڪنهن پارٽي جي حيثيت سان نه پر وفاق جي نمائندي جي حيثيت سان جي آءِ ٽي جي الزامن بابت جواب داخل ڪري جي آءِ ٽي جي رويي بابت رجسٽرار کي لکيل خط ميڊيا تائين ڪيئن پهچي ويو.

JIT

جسٽس اعجاز افضل چيو ته جي آءِ ٽي جو مؤقف آهي ته تصوير ڪنهن ليڪ ڪئي انهي تي جاچ به ٿي ۽ ڪارروائي به ڪئي وئي آهي، خواجا حارث چيو ته جي آءِ ٽي ۾ وڊيو رڪارڊنگ جو به معاملو آهي، اها به سڀاڻي ليڪ ٿي سگهي ٿي، انهي تي جسٽس اعجاز افضل چيو وڊيو رڪارڊنگ تي ڪا قانوني پابندي ناهي، رڪارڊنگ جو مقصد بيانن جو متن تيار ڪرڻ به ٿي سگهي ٿي. اوهان رپورٽ ڏسو، انهي کانپوءِ اوهان جو جواب ورتو ويندو، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته هڪ ته جي آءِ ٽي وٽ وقت محدود آهي، جسٽس اعجاز افضل چيو ته جي آءِ ٽي کي ڊيڊ لائين ڏني وئي آهي، انهي موقعي تي سپريم ڪورٽ جاچ ٽيم طرفان جاچ ۾ مشڪلاتن ۽ خدشن بابت داخل ڪرايل درخواست تي به غور ڪندي اٽارني جنرل کي انهي تي جواب ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي بئنچ جو چوڻ هو ته، جي آءِ ٽي الزام هنيو آهي ته جاچ ۾ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن، سرڪاري رڪارڊ سان هٿ چراند ڪري انهي ۾ دير ڪئي پئي وڃي، انهي موقعي تي عدالت رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن الزام درست آهن ته انهي جا سنگين نتيجا نڪرندا. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي حسين نواز جي تصوير ليڪ ٿيڻ وارن مٿن لڳل الزامن کي رد ڪندي رپورٽ ۾ جوابدار ۽ سندس اداري جو نالو نه ڄاڻايو آهي.

ذريعن مطابق جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ جوابدار ۽ سندس اداري جو نالو ظاهر ڪرڻ بنا ٻڌايو آهي ته تصوير ليڪ ٿيڻ شرط ئي جي آءِ ٽي جاچ شروع ڪئي ۽ 24 ڪلاڪن اندر ڪارروائي ڪئي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تصوير ليڪ ڪندڙ شخص کي هٽائي سندس اداري ۾ واپس موڪليو ويو ۽ کيس سونپيل ذميواريون واپس ورتيون ويون. جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته حسين نواز جا الزام جي آءِ ٽي خلاف مهم جو حصو آهن ۽ انهن الزامن جو مقصد جاچ ۾ رڪاوٽ وجهڻ آهي، ته جيئن جي آءِ ٽي مقرر وقت ۾ پنهنجو ڪم مڪمل نه ڪري سگهي، جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ پاڻ مٿان لڳل سمورن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ٽيم جي ميمبرن کي بي بنياد الزامن ذريعي بدنام ڪيو پيو وڃي. عدالت جي آءِ ٽي جي الزامن بابت اٽارني جنرل آفيس کان سڀاڻي اربع تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *