ملير( سنڌسماءَچار نيوز) ملير ۾ جوابدار گهرو اڻبڻت تان زال ۽ ڌيءُ کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ سندس 5 ورهين جي ڌيءُ زخمي ٿي پئي آهي. الياس ڳوٺ ۾ علي نالي شخص، گهرو اڻبڻت تان زال سريه ۽ 15 ورهين جي ڌيءُ عائشه کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ مٿان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ سندس 5 ورهين جي ڌيءُ ردا زخمي ٿي پئي پوليس واقعي جي اطلاع تي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي ٻارڙي کي اسپتال پهچائي چڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور واقعو گهرو اڻبڻت جو لڳي ٿو، پر حقيقت جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
Check Also
ڪراچي: شانتي نگر مان غيرقانوني اڏاوتون هٽايو: سنڌ هاءِ ڪورٽ
Share this on WhatsAppسنڌ هاءِ ڪورٽ گلشن اقبال جي علائقي شانتي نگر ۾ غيرقانوني اڏاوتن …