Wednesday , April 24 2024

ملائيشيا جي وزيرعظم مهاتير محمد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

انور ابراهيم کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل اڪثريت ملڻ بابت شڪ وڌي ويا، ملائيشيا جي وزيرعظم مهاتير محمد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، مهاتير پنهنجي استعيفيٰ ملائيشيا جي بدشاهه کي اماڻي ڇڏي آهي، پرڏيهي خابرو اداري الجزيرا موجب ملائيشيا ۾ ٿيل چونڊن دوران مهاتير محمد اليڪشن دوران ڪيل حڪومتي اتحاد کان به ڌار ٿي ويو آهي. خبرو اداري جي رپورٽ مطابق مهاتير محمد جي وزيراعظم هائوس مان استعيفيٰ ملائيشين بادشاهه کي اماڻي ڇڏي آهي، جنهن کانسواءِ استعيفيٰ جي سلسلي ۾ وڌيڪ ڪا به ڄاڻ ناهي ڏني وئي، اهو به ناهي ٻڌايو ويو ته مهاتير محمد جي استعيفيٰ ملائيشيا جي بادشاهه منظور ڪئي آهي يا نه.

مهاتير محمد جي استعيفيٰ  اهڙي  وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن مهاتير محمد جي نامزد ڪيل جاننشين انور ابراهيم کي اقتدار منتقل ڪرڻ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سندس حمايتي اتحادين مخلف ڌر جي پارٽين سان گڏجڻ جو رٿابندي ڪئي هئي. مهاتير محمد جي استعيفيٰ جي ڪجهه ڪلاڪ اڳ ۾ سندس پارٽي بيراستو جو اهو اعلان سامهون آيو هو ته، هُو بيراستو سياسي پارٽين واري اتحاد کان الڳ ٿي ويندي ۽ مهاتير محمد جي وزيراعظم جي حيثيت سان حمايت جاري رکي ويندي، ان کانسواءِ ملائيشين ڪابينا جي ڪجهه وزيرن سميت قانون ساز 11 ميمبرن به نور ابراهيم جي پارٽي کان علحدگي جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. جنهن کانپوءِ بيراستو جي پنجاهه قانون ساز ميمبرن ۽ انور ابراهيمجي پارٽي جي حڪمران اتحاد کان ڌار ٿيڻ واري صورتحال کانپوءِ ان حوالي سان منجهيل ۽ شڪي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي ته ڇا انور ابراهيم ملائيشيا جي حڪومت سنڀالڻ لاءِ گهربل اڪثريت به حاصل ٿي سگهني يا نه،  سگهندو يا نه . مهاتير محمد جي پهرين حڪومتي دور ۾ مهاتير محمد ۽ انور ابراهيم ملائيشيا جا ٻه انتهائي اهم اڳواڻ هئا جن 2018 جي چونڊن ۾ ڪرپشڻ ۾ ملوث هڪ حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ سياسي معاهدي مطابق اتحاد ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *