Friday , March 29 2024

مضبوط دهشتگرد ۽ ڪمزور حڪومتي پاليسيون _ ابراهيم ڪنڀر

Ibrahimابراهيم ڪنڀر

ملڪ جون سموريون سياسي، مذهبي ڌريون، سيڪيورٽي ادارا، فوج، حڪومت مخالف ڌر، سول سوسائٽي، وڪيل واپاري، مطلب ته هر ڌر دهشتگردي جي خاتمي واري هڪ نڪاتي ايجنڊا تي متفق آهي. گادي جي شهر ۾ هاڻوڪا اجلاس، مشاورتون، فون رابطا يا آل پارٽيز ڪانفرنس جي لاءِ ٿيندڙ سرگرميون به رڳو انهيءَ جي لاءِ آهن ته ڪيئن به ڪري دهشتگردي جي هن جن کي قابو ڪجي. دهشتگردي هن ملڪ کي نه رڳو ڪمزور ۽ غير مستحڪم ڪيو آهي پر پوري دنيا ۾ بدنامي ٿي آهي، ملڪ اڪيلائپ جو شڪار ٿي ويو آهي. ڪو ملڪ عالمي نمائشن، راندين، تقريبن، پروگرامن مان آئوٽ ٿي وڃي ۽ رڳو مقامي ڪرڪيٽ جو هڪ ميچ ملڪ ۾ ڪرائڻ تي خوشي ۾ ٺينگ ٽپا ڏجن، انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ناڪامي ڪهڙي هوندي؟

اها تسليم ٿيل حقيقت آهي ته پرويز مشرف جي حڪومت کان وٺي نواز شريف جي هاڻوڪي سرڪار تائين دهشتگردي جي خلاف اڻ ڳڻيا آپريشن به دهشتگردي جي خاتمي ۾  ّخاص مددگار ثابت نه ٿي سگهيا آهن، انهيءَ جو اعتراف وفاقي گھرو وزير اهو چئي ڪري ٿو ته، ”دهشتگردي ختم نه ٿي آهي پر گھٽ ضرور ٿي آهي“. گھرو وزير ته ايتري ۾ خوش آهي ته اڳ ۾ روزاني ٽي چار ڌماڪا ٿيندا هئا، هاڻ هفتي مهيني ۾ ڪو هڪ ٿئي ٿو. پاڪستان شايد دنيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن جو گھرو وزير مهيني تي وڏي تباهي جو ڪارڻ بڻجندڙ خودڪش ڌماڪن تي نه رڳو مطمئن آهي پر انهن تي دليل ڏي ٿو ته ايڪڙ ٻيڪڙ واقعا ته ٿي ويندا آهن.

دهشتگردي  جي خاتمي جي لاءِ فوجي عدالتون ٺاهڻ واري اهم قدم تي به ڪافي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي. اسپيڪر جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ پيپلز پارٽي کان سواءِ سمورين پارلياماني ليڊرن اتفاق ڪيو آهي ته وڌيڪ ٻن سالن جي لاءِ فوجي عدالتون ٺاهيون وڃن. انهيءَ جي لاءِ هڪ نظرداري ڪميٽي به ٺهندي، جڏهن ته مذهب جي نالي تي دهشتگردي ڪندڙن خلاف ڪارروائي وارن لفظ خارج ڪرڻ يا رکڻ تي اتفاق ٿيڻو آهي. ڇهه مارچ تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ آئين ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جو قانون آڻڻ جي به تجويز آهي. ٻئي پاسي وري پيپلز پارٽي فوجي عدالتن تي اتفاق راءِ جي لاءِ  به سمورين ڌرين کي چار مارچ تي سڏايل آل (ملٽي) پارٽيز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ دعوتون ڏئي رهي آهي. انهي سياسي ڪانفرنس ۾ ڇا نئون هوندو؟ اهو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ته پيپلز پارٽي فوجي عدالتن جي فارمولا کي رد ڪري ڇڏي يا وري انهيءَ جي نگراني سويلين جي هٿ ۾ وٺي. پيپلزپارٽي کي ته  فوجي عدالتن تي آل پاٽيز ڪانفرنس جو خيال گھڻو دير سان آيو آهي. سموريون ڌريون اسپيڪر  ۽ حڪومت آڏو فوجي عدالتن کي ٻن سالن جي لاءِ قبول ڪري آيون آهن ته انهيءَ کانپوءِ هن آل (ملٽي) پارٽيز ڪانفرنس مان ڇا ملڻو آهي؟ اها ڪانفرنس جيڪڏهن اڳ ۾ ٿئي ها ته پيپلز پارٽي سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ کي سگهارين ڌرين آڏو پيش ڪري ڪجھ مارڪون حاصل ڪري پئي سگهي پر هاڻ جڏهن سڀ ڌريون اسپيڪر ۽ اسحاق ڊار جي اڳيان ٻن سالن جي لاءِ فوجي عدالتون قبول ڪري آيون آهن ته پيپلز پارٽي جي ڪانفرنس انهيءَ قرارداد کان اڳتي نه وڌندي، جنهن ۾ اهو چيو وڃي ته مستقبل ۾  فوجي عدالتن جي قيام واري مشق کي نه ورجايو ويندو. البته ايم ڪيو ايم جي مطالبي کي مڃتا ڏيارڻ جي لاءِ هن ڪانفرنس ۾ وڏي ڪوشش ٿي سگهي ٿي. ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي پنهنجا ماڻهو حراست ۾ هجڻ جي ڪري چاهين پيون ته رڳو انهن دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گھرجي، جيڪي مذهب جي نالي تي دهشتگردي ڪن ٿا، يعني ٻنهي پارٽين جو موقف آهي ته اڳوڻي مسودي تحت ئي فوجي عدالتون قائم ٿين. جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي، جي يو آءِ ۽ جماعت اسلامي انهيءَ راءِ جا آهن ته دهشتگردن جي درجابندي ختم ٿيڻ گھرجي، هر دهشتگرد کي دهشتگرد سمجهيو وڃي.

پيپلز پارٽي جي دور ۾ شروع ٿيل سوات آپريشن کان هاڻوڪي آپريشن ردالفساد تائين دهشتگردن کي چٿڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي، پر هيڏي وڏي فوجي ڪارروائين، دنيا جي سگهاري ۽ ڦڙت ايجنسين جي باوجود اڃان تائين دهشتگرد جتي چاهين ٿا، اتي تباهي آڻي ڇڏين ٿا. دهشتگردي انهن رياستي پاليسين جو نتيجو آهي، جيڪي پاليسيون ضياءُ الحق کان وٺي پرويز مشرف جي سرپرستيءَ ۾ ٺاهيون ويون هيون. انهن پاليسين تحت سڄي دنيا مان دهشتگرد ڀرتي ڪري ملڪ ۾ پناهه ڏني وئي، ڀرتي سينٽر قائم ڪيا ويا، انهن مان ”سٺن دهشتگردن“ جي چونڊ ڪري انهن کي پاڻ وٽ ترسايو ويو. اهو سڀڪجھ هوندي به ملڪ جي ڪا سياسي ڌر آن دي رڪارڊ انهن سمورين پاليسين کي رد ڪرڻ، واپس وٺڻ، ختم ڪرڻ جي ڳالهه نه ٿي ڪري. هاڻ ته صورتحال اها آهي جو انهن پاليسين تي ڳالهائڻ  قومي مفاد، ملڪي سلامتي کي خطرو سمجهيو وڃي ٿو. انهيءَ جو تازو مثال ڊان ليڪس جو ئي ڏئي سگهجي ٿو ته هڪ اهڙي خبر، جنهن جي سڀني کي خبر آهي پر جڏهن اها عالمي فورم تي پڙهڻ جي لاءِ وڃي ٿي ته ملڪ خطري ۾ اچي وڃي ٿو. جيستائين صورتحال ۽ سوچ اها رهندي، تيستائين هن ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي جي ڪا اميد نه ٿي رکي سگهجي. ڪجھ عرصو اڳ تائين وزيراعظم، گھرو وزير ۽ فوج به اهو چوندي رهي آهي ته دهشتگردن جي مک قيادت مارجي چڪي آهي، وڏي انگ ۾ گرفتاريون ٿيون آهن، ڪمزور دهشتگرد هاڻ سافٽ ٽارگيٽ ڳولي انهن تي حملا ڪري رهيا آهن پر اهي بزدل، ڪمزور، ڀاڙيا، نٻل ۽ اڌ مئا  دهشتگرد هڪ ڌماڪي سان نوي نوي ماڻهو قتل ڪريو ڇڏين ته انهن دهشتگردن کي ڪير ڪمزور چوندو؟ هاڻوڪي رد الفساد آپريشن جو مک ڪارڻ ملڪ اندر رهيل سهيل دهشتگردن جو خاتمو آهي. انهيءَ جو مطلب ته حڪومت جو اڳ وارو موقف غلط آهي ته گھڻا دهشتگرد مارجي ۽ ٻيا ڀڄي ويا آهن. اهو ”تباهه ٿيل“ نيٽ ورڪ ئي آهي، جنهن جي آڌار تي دهشتگرد قلندر لعل شهباز جي مزار يا انهيءَ کان اڳ لاهور ۾ صوبائي اسيمبلي جي اڳيان پهچي پنهنجو ٽارگيٽ پورو ڪري ڇڏين ٿا.

هي سمورا آپريشن، ڪارروايون يا پاليسيون بهتر، پر انهن جو ڦل تيستائين نه ملندو، جيستائين دهشتگردن جي نرسرين تي هٿ نه وڌا ويندا. دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي ٽوڙ جي لاءِ ويهن نڪتن تي ٻڌل نيشنل ايڪشن پلان جو حشر ته سڀني جي سامهون آهي. مدرسن جي سڌاري، ڏکڻ پنجاب ۾ دهشتگردن جي پناهه گاهن کان ويندي هن پلان جي اڌو اڌ نڪتن تي هاڻ ڪير بحث ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي. تازو پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پيس اسٽڊيز جي تحقيقاتي رپورٽ سامهون آئي آهي، انهي ۾ مذهبي، ويڙهاڪ، فرقيوار تنظيمن جي نيٽ ورڪ جا سمورا تفصيل بيان ٿيل آهن. انهيءَ رپورٽ موجب، پنجابي طالبان جا 23 گروپ پنجاب ۾ آهن، لاهور شهر ۾ 71 مذهبي تنظيمن جا مرڪز قائم ٿيل آهن. اهڙي ريت ملتان ۾ به ارڙهن تنظيمن جا مرڪز آهن. سينٽر فار انٽرنيشنل اينڊ اسٽرٽجڪ انالائسز  (سيسا) طرفان 2014ع ۾ هڪ رپورٽ تيار ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ پنجاب ۾ انتهاپسندي جا پيرا کنيا ويا آهن. انهيءَ رپورٽ موجب، ملڪ ۾ موجود مدرسن مان 44 سيڪڙي کان مٿي مدرسا پنجاب ۾ آهن، يا جن تنظيمن تي پابندي وڌي وئي آهي، انهن مان اڪثر تنظيمون پنجاب جون آهن پر حڪومت جي پنهنجي سرڪاري انگ اکرن موجب، 61 پابندي پيل تنظمين مان وڌ ۾ وڌ ڏهاڪو کن پنجاب جون آهن، يعني حڪومت اهو تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ئي ناهي ته پنجاب ۾ دهشتگردي، انتهاپسندي، فرقيواريت پلجي رهي آهي، خاص طور ڏکڻ پنجاب دهشتگردن ۽ انتهاپسندن جو وڏو ڀرتي مرڪز آهي. مجاهد حسين جي پنجابي طالبان نالي لکيل ڪتاب ۾ جنرل ضياءُ الحق جي دور کان وٺي طالبانن جي ڀرتي مرڪزن، گروپن، مدرسن جو تفصيلي ذڪر آهي پر وفاقي حڪومت يا پنجاب جي صوبائي حڪومت چاهيندي نه چاهيندي به انهن کي اجهو ڏئي ويٺل آهن.

پنجاب حڪومت ته هاڻ دهشتگردي کي حادثن جو نالو ڏئي خبر ناهي ڪنهن کي گمراهه ڪرڻ چاهي ٿي! ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان وڏو هٿ پنجاب جو رهيو آهي. اتي جيڪڏهن رينجرز کي به اختيار ملن ٿا ته ڊرائيونگ سيٽ تي پنجاب حڪومت يا پنجاب پوليس آهي، جن جي اکين آڏو ڇهن مذهبي تنظيمن مان جنم وٺندڙ انهن تنظيمن جو انگ هزارن ۾ پهچي چڪو آهي. پنجاب حڪومت کي  دهشتگرد ريڙهن وارن يا چانهن وارن پٺاڻن جي روپ ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ جي ڪري مٿن نظر رکڻ جا پوسٽر ڇاپيا وڃن ٿا پر انتهاپسندن جي شاهي ماڙ ڀرتي مرڪزن تي ڪنهن جي نظر نه ٿي پوي. هي ڪومنگ آپريشن، ڇاپا مار ڪارروايون، گرفتار يا سزائون ڏيڻ پنهنجي جاءِ تي پر پسنديده ۽ ناپسنديده دهشتگردن جي درجابندي ۽ بي رحم، بنا فرق آپريشن ڪرڻ تائين دهشتگردي جو خاتمو هڪ خواب ئي رهندو

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *