Thursday , April 18 2024

مشرف جي آمريت خلاف مزاحمت جو مثال بڻجندڙ بيگم ڪلثوم نواز لاڏاڻو ڪري وئي

لنڊن ( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٽي ڀيرا خاتون اول رهندڙ ۽ مشرف آمريت خلاف مزاحمت جي علامت بڻيل بيگم ڪلثوم نواز لنڊن جي اسپتال ۾ علاج دوران ڪينسر جي مرض آڏو زندگي جي جنگ هارائي وئي، شهباز شريف چيو آهي ته هُو ڪثلوم نواز جو مڙهه پاڪستان آڻڻ لاءِ جلد لنڊن روانو ٿيندو، شريف خاندان جي ذريعن جو چوڻ آهي ته مڙهه جاتي امرائو ۾ ميان شريف جي پاسي ۾ دفنايو ويندو. ڦڦڙن جي بيماري ۽ ڳلي جي ڪينسر جي مرض سبب لنڊن جي هارلي اسٽريٽ اسپتال ۾ علاج هيٺ اڳوڻي خاتون اول بيگم ڪلثوم نواز ل68 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏپاڻو ڪري وئي آهي. ڪلثوم نواز هنر ڏکئي وقت ۾ جڏهن ن ليگ جا اڪثر اڳواڻ به نواز شريف جو ساٿ ڇڏي ويندا هئا ته بيگم ڪلثوم نواز ميدان ۾ اچي پارٽي جي قيادت سنڀاليندي هئي. پرويز مشرف جي آمريت دوران جڏهن ن ليگ جا وڏا وڏا نالا به منظر تان غائب ٿي ويا هئا ته اهڙي ڏکي گهڙي ۾ بيگم ڪلثوم نواز مشرف جي آمريت خلاف سياسي جدوجهد جون واڳون سنڀاليون. هن نواز شريف جي اقتدار جي ڏينهن ۾ ڪڏهن به سياست نه ڪئي ۽ نه ئي وري ڪڏهن حڪومت جوحصو بڻي.

بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي جي خبر سندس مڙس نواز شريف ۽ نياڻي مريم نواز کي اڊيالا جيل ۾ ٻڌائي وئي، جنهن تي هُو روئي ويٺا. حڪومت پاران نواز شريف ۽ مريم نواز کي ڪلثوم نواز جي آخري رسمن ۽ تدفين لاءِ پي رول تي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان لاءِ شريف خاندان پاران ڪو به فرد يا مريم ۽ نواز شريف مان ڪو هڪ اهڙي درخواست پنجاب جي  چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي جيلز پنجاب ڏانهن اماڻيندا، جنهن بعد کين 3 ڏينهن لاءِ پي رول تي آزاد ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *