Wednesday , April 17 2024

مراد علي شاهه 24 سيپٽمبر تي نيب  آڏو پيش نه ٿيندو، نيب راولپنڊي جي ٽيم ڪراچي ۾ موجود

مراد علي شاهه 24 سيپٽمبر تي نيب آڏو پيش نه ٿيندو، ڪراچي ۾ اهم شخصيتن سان رابطا، حمايت واپس وٺڻ جو امڪان، نيب راولپنڊي جي ٽيم به ڪراچي ۾ موجود

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه 24 سيمٽرمبر اڱاري ڏينهن به نيب اسلام آباد آڏو پيش نه ٿيندو، وڏي وزير نيب کي خط لکي آگاهي ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته، جيڪڏهن مراد علي شاهه سڀاڻي نيب آڏو پيش نه ٿيو ته کيس فائنل نوٽيس جاري ڪيو ويندو يا وري سندس گرفتاري وارنٽس به جاري ٿي سگهن ٿا. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي وڪيل معرفت نيب اسلام آباد ڏانهن خط موڪليو آهي. ذريعن موجب خط ۾ چيو ويو آهي ته نيب جو طلبي نوٽيس دير سان مليو ۽ کيس پيش ٿيڻ لاءِ تمام ٿورو وقت ڏنو ويو. ذريعن موجب وڏي وزير پاران نيب کي موڪليل خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته، ڪراچي ۾ صفائي مهم ۽ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ تمام گهڻو مصروف آهي، انڪري 24 هين سيپٽمبر تي به پيش ٿي نه ٿو سگهي کيس پيشي لاءِ ڪا ٻي تاريخ ڏني وڃي.

ان سلسلي ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، نيب راولپنڊي جي هڪ خصوصي ٽيم 23هين سيپٽمبر تي شام ڌاري اسلام آباد کان ڪراچي پهچي چڪي آهي، مراد علي شاهه جي 24 سيپٽمبر تي نيب اسام آباد آڏو پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ سندس گرفتاري وارنٽس به جاري ڪرڻ لاءِ اختيارين جا صلاح مشورا هلندڙ آهن. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ڪجهه انتهائي اهم شخصيتن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، جن سان نيب پاران سندس امڪاني گرفتاري واري معاملي تي ڳالهيون هلندڙ آهن، مراد علي شاهه تي واضح ڪيو ويو آهي ته، جيڪڏهن هُو نيب جي طلبي تي پيش ٿيندو رهي ته کيس گرفتار نه ڪيو ويندو، ٻي صروت ۾ انهن شخصيتن سندس جاري حمايت تان به هٿ کڻڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهيو.

واضح رهي ته نيب اسلام آباد طرفان طلبي نوٽيس جاري ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه کي سڀاڻي 24 سيپٽمبر تي طلب ڪيو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *