Monday , October 3 2022
uren

مدمست ملير، مدهوش ماروئڙا – آصف ڪنڀر

Asif Kunbhar

موسم جي ڪنوار جڏهن سُرمائي ساڙي ڍڪي بادلن پويان اک ٻوٽ ڪندي آهي ته ڌرتي جي ديوي پاڻ کي سائي چادر ۾ ويڙهي ڪڪرن جي ڪارونڀار جي آجيان لاء نيڻ آتا ڪري ڇڏيندي آهي، فطرت جي اهڙي دلڪش منظرن جي ڪيوانس تي دلفريبي جا منظر ڪنڀاري جي ماٽي تي چٽيل چٽسالي کان حسين ٿي ويندا آهن۔ موسم جي انهي قسطوار سيريئل ۾ بوندن ۽ تجلن جي تال سان نوان سُر ملير جي ماروئڙن کي جهومائيندا آهن ان وقت اماوس جي رات ۾ گڊي ڀٽ تان نظر ايندڙ  مٺي جو شهر سونهن جي سيڄ تي شرمائي پاڳوٺي هڻي وهي رهندو آهي ۽ سولر انرجي تي هلندڙ سڀ لائٽون ڪاچ جي پليٽ ۾ سجائي رکيل موتين مثل ٿي وينديون آهن۔  ڪارونجهر جي ڪورن ۽ ڪينجهر جي ڪپرن سان چلولايون ڪندڙ چاشني جهڙي پاڻي ۾ اکٻوٽ شروع ٿي ويندي آهي۔ اهڙي حسين منظر کي سائين شنڪر ساگر جا شاعراڻا ٻولن  ٰٰپرين تنهنجي پائل پري کان وڳي آ،  لڳي ٿو اسان سان پراڻي ٺڳي آ  ٰٰ ۽ استاد رجب فقير جي  سرن سان سرشار آواز نانگڻ ٿي نچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو آهي۔ ٿر جي ٿڌڙي هير امپورٽڊ روم اسپري کان وڌيڪ معطر ۽ دلڪشي سبب سڀني حواسن مٿانهن حاوي ٿي ويندي آهي ۽ بادلن جا بيپرواهه رنگ ماروئڙن جي جذبن مٿانهن ڪڏهن ڇانورن کي نڇاور ڪندي، ڪڏهن بيرحمي سان بوندن جي برسات  ڪندي، ڪڏهن قديمي حويلي جي حسين هال ۾‌ پلنگ تي ليٽيل ملڪه مُعظمه جي ڪروٽن ۽ انگل آرن وانگي پيا ويس مٽائيندا آهن۔ جڏهن ريگستان جي رائي سان مينهن جون ڦڙيون ميلاپ ڪنديون آهن تڏهن پِپوُن، مريئڙو، کنڀيون، لُلُر،چڀڙ ۽ ڪارينئگين جهڙيون لذيذ سوغاتون ڌرتي جي ڪُک مان ڦٽي نڪرنديون آهن جيڪي ملير ۾ متل فطرت جي ميلي ۾ آيل مهمانن جي آڌرڀاء ۽ آجيان ۾ پيش ڪيون وينديون آهن.

Thar rainy 09Thar rainy 07

موسم جي من مانين کي ڏسندي  گوڙي جي مندر کان به رهيو نه ٿيندو آهي ۽ گمنامي جي غار مان نڪري چوماسي جي چسڪي ڀري سهڻين جي سليفين جي بيڪرائونڊ ۾ بيهي مسڪرائيندو آهي۔ ڀوڏيسر جي قديمي مسجد پورنماسي چنڊ جي پاڇي ۾ ڪارنجهر جي هنج ۾ ويهي برساتن جي ريشمي ٿڌين بوندن ۾ سنان ڪندي آهي ۽ سندس وجود تي ڪاسبي جي ڪامڻين کان وڌيڪ معصوميت جي ورکا ٿي ويندي آهي شايد تڏهن ئي سياحن جي دل ڪارڙي تتر جيئن ڦٿڪو کائيندپئي ڏانهنس واجهائندي آهي.

Thar rainy 02Thar rainy 01

ڪيڏي نه سانت هوندي آهي هنئين کي وڍ وجهندڙ وسڪاري جي گهميل ۽ آلين راتين ۾ جڏهن مال جي چڙن تي  ڪلاسيڪل موسيقي جي مند تاري ٿي ويندي آهي ۽ ڪوئل جي ڪوڪ ۽ مور ٽهوڪن سان پيا سر ملايئندا آهن۔سانوڻي جي  مينهن جون مدهوش ڇنڊون جڏهن بادلن جي ڀاڪرن مان پاڻ کي آجو ڪري جبل جي جسم سان ٽڪرائيندي بخملي وِاري تان ور وڪڙ کائيندي، نئيون ٺاهيندي  ڀوڏيسر جي تلا ۾ ترڻ لڳنديون آهن ان وقت سندن راڳڻين لهرن جي سحرانگيز سُرن تي پريون پنهنجاپکڙا اڏي پرديس کان آيل پکين سان پريم جون پچارون ڪنديون آهن.

Thar rainy 06

انجليسر ڀٽن مان لڳندڙ ڪوسيون لڪُون ڪنڀٽن جي پهاڙن ۾‌لڪي پناهه وٺنديون آهن ۽ گولاڙو ٿوهرن سان ٻکجي سهن کي پنهنجي سيني ۾ سانڍيندو آهي۔ شانتي ۽ ٺاپر جي پرچار ڪندڙ ريشاڀانٿا۽ مهاويرا جي گيانن جا پڙاڏا به جينڌرما جي ميسارجي ويل مندرن ۾ موٽ کائيندا آهن ۽  ساردڙي مندرجي آڳر آڏو ساوا جاجم وڇائجي ويندا آهن جيڪي ايندڙ اپسرائن جي قدمن ۾‌ڪتڪتوليون ڪندي من جي ڪامنائن جي پورائي لاء دعاگو ٿيندا آهن۔ ماروي جي سڪ ۽ اڪير اڄ به ڀالوا جي ڀِٽن پويان رخشان آهي شايد تڏهن ئي ويراواهه جي چيڪ پوسٽ تي چيڪنگ لاء بيهندڙ سياحن کي چار منٽ به چئن ڏيهن مثل محسوس ٿيندا آهن ۽ پيا بيچئني وڌائيندا آهن۔ ڪاسبي جي ڪنهيائن جي ٻيلڙن مان ڇلندڙ پلر ڀرٽياري ندي جي لهرن سان ريس ڪندو آهي ۽ سندن چيلهه تي کنيل گهگهر مان ڇلڪندڙ پاڻي شرمائيندو، مسڪرائيندو سندن پدمن کي وضو پيو ڪرائيندو آهي.

Thar rainy 03

ڪارونجهر جو سينو ڪشادو ٿي ويندو آهي ۽ پري پري کان ڪهي آيل نوجوانن جي ٽولن، برگر فيمليز، ادبي سٿن، شوٽنگ تي آيل اداڪاران، پريمي جوڙن، توڙي هني مون جي اڪامي تي آيل جوڙن کي پنهنجي حسين منظرن سان پيو موهيندو آهي ۽ کين منو رنجن ۾ ايڏو ته مست ڪري ڇڏيندو آهي جو سياحن کي واپس موٽڻ جي سوچ به ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيندي آهي۔ ڪارونجهر جي ڪنڊ۾ ناسي پٿر تي ويهي  روح رهاڻ ڪندڙ جوڙي جي سرگوشين جو پڙاڏو پٿرن سان ٽڪرائي  موٽ کائي سهڻي وجودن جي ڪنن جي پردن سان ٽڪرائيندو آهي ته ڪائنات جو سمورو وايو منڊل مسڪرائندو آهي، اڪن جو ڦلڙيون تاڙيون وڄائينديون آهن ۽ تازو جوڀن چڙهي آيل ڪِرڙڻ ۽ کٻڙن ۾ شڪارن کان لڪيل هرڻيون وڻن مان ليو پائي سياحن کي حسرت ڀري نگاهن سان ڏسنديون آهن ۽ حسين منظرن ۾ بي خوف ۽ آزاد ٿي مٽڪو رمڻ جون حسرتون ڪنديون آهن.

????????????????????????????????????Thar rainy 02

ڪاسبي جي راموير مندر جي چوکٺ کان چار قدم اڳتي ڪبيرپنٿي استاد يوسف فقير  نابين  ايندڙن جي آجيان ۾ ٿر جو لوڪ ڳيت بادليو ڳائي بس ڪندو آهي ته پريان بيٺل ڊيل پنهنجارنگين پک پکيڙي جادوگر ف انڊلٺ اڏي کيس داد ڏيندي آهي، مندر جي  آڳنڌ ۾ ڪاڪو سوماريو ڪاموهي، جابلو بصر، سنڌن جي سور لاء جبل جي خاص ٻوٽي وڪڻندو آهي. انهن ئي ڏينهن ۾ لطيف جو سر سامونڊي سمنڊ تان هجرت ڪري ريگستان جي راڻين جي من جي مندر جي مورتي ٿي ويندو آهي ۽  راڻيون گهاٽي مينهن جي وڏڦڙن جي وڃڻ‌جي اوسيئڙي ۾‌پيو چونديون آهن وڃئي وسري شال جو تو سودو سکيو، اڃا آئين ڪالهه پڻ تو سفر سنڀرين.

About Asghar Azad

Check Also

غربت جو خاتمو چاهيون ئي نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن

Share this on WhatsAppغربت جو خاتمو چاهيون ئي  نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن! – اصغر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *