Saturday , April 20 2024

مان مري ويو آهيان جو فضل الرحمان بلاول جي تربيت ڪندو، مولانا صاحب وڏو ڦڏو ٿيندو…!!

گوجرانوالا (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تربيت ڪرڻ واري مولانا فضل الرحمان جي بيان شيخ رشيد کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي، شيخ رشيد چيو آهي ته، ”مان مري ويو آهيان ڇا جو مولانا فضل الرحمان سندس تربيت ڪندو، لڳي  ٿو ان معاملي سان مولانا صاحب سان ڦڏو ٿيندو“. گوجرانوالا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ صحافين جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته مولانا فضل الرحمان بلاول ڀٽو کي پنهنجو شاگرد بڻائڻ واري ضد تي بيٺل آهي، آئون مولانا فضل الرحمان کي چوان ٿو ته ڇا آئون ڪو مري ويو آهيان، جو هُو سندس ٽريننگ ڪندو يا پنهنجي شاگردي ۾ وٺندو، شيخ رشيد چيو ته لڳي ٿو ان معاملي تي مولانا صاحب سان سندس ڦڏو ٿيندو.

وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نوازشريف ۽ زرداري ڪٽنب جي مستقبل ۾ ڪا به سياست نه ڏسي رهيو آهيان، پاڪستان جو ڏيوالو نڪرڻ کان بچي ويو آهي. گوجرانوالا ريلوي اسٽيشن جي نئين عمارت جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي دل لنڊن ۾ ڦاٿل آهي ۽ هو اهو ئي چوندو آهي ته  کيس بلو جي گهر وڃڻو آهي. هن چيو ته گوجرانوالا ريلوي اسٽيشن جي نئين سر اڏاوت تي پنج ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا آهن ۽ جلد گوجرانوالا کان شٽل ٽرين جي شروعات ڪنداسين. شيخ رشيد چيو ته هلندڙ مهيني وزيراعظم سان گڏ آئون چين  ويندس، جنهن بعد ايم ايل ون ذريعي انقلاب اچي ويندو ۽ راولپنڊي کان لاهور جو فاصلو 2 ڪلاڪ 18 منٽ ٿي ويندو.شيخ رشيد چيو ته گذريل حڪومت ملڪ کي خساري ۾ وڌو، هاڻ اسان تمام جلد آءِ ايم ايف ڏانهن وينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *