Saturday , April 20 2024

ماضي ٻڌائي ٿي ته شريف خاندان خلاف ڪو به عدالتي فيصلو ناهي آيو: بلاول ڀٽو زرداري

TMK bridge1

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، ماضي کي نظر ۾ رکندي پاناما ڪيس جي فيصلي ۾ ڪا وڏي اميد نه آهي، ان باوجود به اميد ڪيون ٿان ته پاناما ڪيس ۾ عدالت انصاف ڀرو فيصلو ڪندي.

ٽنڊومحمد خان ۾ سنڌو درياءَ تي سر آغا خان جهرڪ-ملاڪاتيار پل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، موجوده پارليامينٽ ۾ وڃڻ وارو فيصلو سيپريم ڪورٽ جي پاناما ڪيس ۾ فيصلي اچڻ تائين ملتوي ڪيو آهي، ڏسجي ته ان ۾ فيصلو ڪهڙو ٿو اچي.

ان موقعي تي صحافين پاران پڇيل مختلف سوالن جا جواب ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته، ماضي جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته شريف خاندان خلاف عدالتن مان ڪي به فيصلا نه آيا آهن پر، ان جي باوجود به کين اميد آهي ته هن ڪيس ۾ عدالت انصاف ڀريو فيصلو ڪندي. آصف علي زرداري ۽ بلاول جي موجوده پارليامينٽ ۾ وڃڻ واري سوال تي هن چيو ته پاناما ڪيس جي فيصلي تائين اسان پارليامينٽ ۾ وڃڻ وارو فيصلو ملتوي ڪيو آهي.

عرفان الله مروت جي پ پ  ۾ شامل ٿيڻ  تي آصفه ۽ بختاور جي رد عمل بابت سوال تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، مروت پ پ ۾ شموليت اختيار نه ڪئي آهي، سندس آصف زرداري صرف ملاقات ٿي هئي، ملاقات کي شموليت نه سمجهيو وڃي.

TMK bridge2

ان کا اڳ پل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته، جيڪڏهن نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل طريقي ۽ بنا ڪنهن فرق جي عمل نه ٿيو ته ان جا نتيجا اهي نه ملي سگهندا جن لاءِ اهو قومي ايڪشن پلان جوڙيو ويو آهي. نئپ تحت سڀني خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ان ۾ ڪنهن به قسم جي پسند ناپسند يا سٺو خراب وارو حربو استعمال نه ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *