Saturday , April 20 2024

مئي مهيني جي پهرين 10 ڏينهن دوران پاڪستان ۾ 13 هزار ڪرونا جا ڪيس ظاهر

پاڪستان ۾ ڪرونا جي مريضن جوا انگ 31 هزار 728 ٿي ويو

مئي مهيني جي پهرين 10 ڏينهن دوران پاڪستان ۾ 13 هزار ڪرونا جا ڪيس ظاهر

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماچار) پاڪستان ۾ هلندڙ مئي مهيني جي 10 ڏينهن دوران 13 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪرونا وائرس جو شڪار بڻجي ويا آهن، ملڪ ۾ متاثرن جو انگ وڌي 31 هزار 728 ٿي ويو آهي، سنڌ ۾ مريضن جو انگ وڌي 12 هزار 30 ٿي ويو آهي، مجموعي طور 680 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا آهن. گذريل 26هين فيبروريءَ تي سنڌ ۾ پهريون ڪرونا جو ڪيس ظاهر ٿيڻ جي تصديق ٿي هئي، جنهن بعد پهرين مئي تائين سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ وائرس ۾ مبتلا ٿيل مريضن جو انگ 18 هزار 228 ٿي چڪو هو. مئي جي پهرين تاريخ کان 11 مئي تائين ڪرونا جي وبا ۾ مبتلا ٿي ويل مريضن جو انگ 13 هزار 300 کان وڌي ويو آهي، جنهن ۾ گهٽتائي بدران ڏينهون ڏينهن واڌارو اچي رهيو آهي. ڪروونا وائرس جي مريضن ۾ تگيزي سان واڌ باوجود وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت وبا جي روڪٿام لاءِ ڪيل لاڪ ڊائون کي وڏي پئماني تي نرم ڪري ڇڏيو آهي.  جنهن  بعد ڪرونا جي وبا وڌيڪ تيزي سان پکڙجڻ جو امڪان وڌي ويو آهي. ملڪ ۾ هيل تائين ڪرونا جي 31 هزار 728 مريصن جي موجودگي جي تصديق ڪئي وئي آحي، جنهن مان سنڌ ۾ 12 هزار 30، پنجاب ۾ 11 هزار 568، خيبرپختونخوا ۾4 هزار 875، بلوچستان ۾ 2061، اسلام آباد ۾ 679، گلگت بلتستان ۾ 422، آزاد ڪشمير ۾ 86 ماڻهو قاتل وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آحن، پاڪستان ۾ڪرونا وگهي فوتين جو انگ 691 ٿي ويو آهي.

” اسان فيصلو ڪيو ته ڪراچي ۽ سنڌ کي بند ڪيون“: بلاول ڀٽو زرداري

”ڪراچي ۽ سنڌ چوڻ تي معافي وٺڻ کي پنهنجي توهين سمجهان ٿو“: بلاول ڀٽو زرداري

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *