Thursday , April 25 2024

ليڪچرارن کي ٽائيم اسڪيل ڏيو ٿا؟ يا وڏي وزير کي توهين عدالت جو نوٽيس ڏيون؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي 10 هزار کان وڌيڪ ليڪچرارن کي 10 ڏينهن اندر ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو حڪم ڏيندي، ڪاوڙ  جو اظهار ڪندي چيو ته، ليڪچرارن کي ٽائيم اسڪيل ڏيو يا اوهان چاهيو ٿا ته وڏي وزير کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيون؟ ليڪچرارن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ لاءِ سنڌ هاءِ  ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ٿيڻ واري معاملي جي ٻڌڻي دوران عدالت اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته؛ ڇا عدالتي حڪم تي عمل ٿيو ۽ ليڪچرارن کي تائيم اسڪيل ملي ويو آهي؟ جنهن تي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل، عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي عمل ٿي ناهي سگهيو، ان تي جلد عمل ڪيو ويندو جنهن لاءِ ڪجهه وقت ڏنو وڃي. جنهن تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته توهان مونجهارا پيدا ڪرڻ گهرو ٿا ته نتيجن لاءِ به تيار رهو، ماڻهو سال کان ڌڪا کائي رهيا آهن، توهان کي ٿورو به احساس نه آهي، عدالت جو حڪم وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري لاءِ هو، توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ تيار رهو.

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *