Friday , March 29 2024

لينڊيوٽيلائيزيشن کاتي ۾ 53 ارب رپين جي ڪرپشن، لنڊن ڀڄي ويل شاذر شمعون جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري – صديق ميمڻ خلاف ريفرنس داخل نه ٿيو

ڪراچي ( اصغر آزاد – سنڌسماءَچار نيوز) ڪرپشن جي ڪيسن کي منهن ڏيندڙ بورڊ آف روينيو جي اڳوڻي سينئر ميمبر شاذر شمعون جا هڪ ڀيرو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. سنڌ جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ نيب مهلت گهري ورتي آهي. ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ شاذر شمعون ۽ ساڻس ڪرپشن ۾ گڏ 3 ٻين جوابدارن خلاف 53 ارب رپيا ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. شاذر شمعون ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيشن ه ٿيا جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت ٽنهي جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. ريفرنسز جي جاچ ڪندڙ جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار شاذر شمعون ملڪ مان ڀڄي لنڊڻ هليو  ويو آهي. نيب  جي جاچ آفيسر عدالت کي درخواست ڪئي ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ به مهلت ڏيو، جنهن بعد عدالت ريفرنس تي ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل نه ٿيڻ تي چيف جسٽس پاران ڪاوڙ جو اظهار

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪرائڻ لاءِ نيب مهلت گهري ورتي آهي. عدالت ۾ ڪراچي جي گلستان جوهر ۾ غيرقانوني طور زمين الاٽ ڪرڻ تي اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ ٻين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. نيب جي پراسيڪيوٽر پاران عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته صديق ميمڻ ۽ ٻين خلاف اڳڀرائي ٿي آهي ۽ اهم شاهديون هٿ آيون آهن. نيب پراسيڪيوٽر آگاهي ڏني ته جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ريفرنس منظوري لاءِ نيب چيئرمين کي موڪليو ويو آهي. چيف جسٽس  سنڌ پڇاڻو ڪيو ته هن وقت زمين ڪنهن وٽ آهي، جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر آگاهي ڏني ته نيب ڪارروائي کانپوءِ زمين جي الاٽمينٽ ڪينسل ڪئي وئي، جڏهن ته جوابدار جي پئسا واپس ڪرڻ واري درخواست به منظور نه ڪئي وئي. عدالت نيب جو مؤقف ٻڌڻ کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ  ۽ 5 آفيسرن سميت 12 جوابدارن خلاف نيب جو ريفرنس داخل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *