Friday , March 29 2024

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي رجسٽرار جو تڪرار، امتحان رولي جي ور چڙهڻ وارا

ڄامشورو(رپورٽر   سنڌسماءَچار) لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز جي رجسٽرار جي مقرري وارو تڪرار تيز ٿي ويو، پروفيسرز، آفيسرز  ۽ ٻين ملازمن امتحانن جي بائيڪاٽ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، رجسٽرار ۽ انتظاميا جي جهيڙي سبب شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿيڻ لڳي. لمس جي پروفيسرز، آفيسرز ۽ ملازمن رجسٽرار کي هٽائڻ تائين سڀاڻي کان تدرسي عمل، آفيسن ۽ امتحانن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وي سي چيو آهي ته نئين رجسٽرار لاءِ اشتهار ڏنو ويو آهي ۽ پروفيسرز جون سفارشون به وڏي وزير کي ڏنيون آهن، هو پاڻ رجسٽرار کي هٽائي نه ٿو سگهي. لمس جي پروفيسرز، آفيسرز ۽ ملازمن جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي رجسٽرار خلاف 5 مهينن کان سراپا احتجاج آهي، اڄ وي سي جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو آهي. پروفيسر رسول بخش بهڻ، سهيل عالماڻي، سلمه شيخ ۽ ٻين پروفيسرز ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي  چيو ته سپريم ڪورٽ جي واضح حڪمن باوجود رجسٽرار کي نه پيو هٽايو وڃي. هنن چيو ته 18 هين ترميم ۽ يونيورسٽي ايڪٽ تحت وي سي رجسٽرار کي هٽائي سگهي ٿو، تنهن باوجود رجسٽرار کي نه پيو هٽايو وڃي. پروفيسرز ۽ ٻين مظاهرين سڀاڻي کان تدريسي عمل، آفيسن ۽ امتحانن جو بائيڪاٽ جو اعلان ڪندي چيو ته رجسٽرار کي هٽائڻ تائين بائيڪاٽ جاري رکيو ويندو.

 لمس جي وي سي بيکا رام چيو آهي ته هن 18 هين ترميم تحت نئين رجسٽرار لاءِ اشتهار ڏنو آهي ۽ پروفيسرز جون سفارشون به وڏي وزير کي اماڻيون ويون آهن. هن چيو ته نئين رجسٽرار جي مقرري بعد ئي موجوده رجسٽرار کي هٽائي سگهجي ٿو، باقي هو پاڻ رجسٽرار کي نه ٿو هٽائي سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *