Friday , March 29 2024

لمس ڄامشورو ۾500 کان وڌيڪ ملازمن جي غيرقانوني ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف،پرو-وي سي تي پارٽ ٽائيم دوران پي ايڇ ڊي جو الزام

لمس ڄامشورو جو هڪ آفيسر وي سي ۽ پرو وي سي جي نمائندي طور اينٽي ڪرپشن جي اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهي: اينٽي ڪرپشن ذريعا

لمس ڄامشورو ۾ ٿيل بيضابطگين ۽ انتظامي عهدن تي هڪ شخص جي مقرري ۽ فنڊز بابت جلد انويسٽيگيشن شروع ٿيندي: نيب ذريعا

لمس ڄامشورو جي پرو-وي سي اڪرام الدين اڄڻ خلاف يونيورسٽي جي تدريسي، غير تدريسي عملي ۽ شاگردن نيب، ايف آءِ اي کي خط لکي ڇڏيو

ڪراچي / حيدرآباد ( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو ۾ 500 کان وڌيڪ غيرقانوني ملازمن جي ڀرتين جو انڪشاف، پرو-وي سي اڪرام الدين اڄڻ جي يونيورسٽي ۾ مقرري ۾ قائدن ۽ ضابطن بابت يونيورسٽي جي تدريسي، غير تدريسي عملي ۽ شاگردن نيب، سپريم ڪورٽ، ايف آءِ اي ۽ وڏي وزير سميت لاڳاپيل اختيارين کي خط لکي ڇڏيو. لمس ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر بيکارام ۽ پرو وائيس چانسلر ۽ 17 کان وڌيڪ شعبن جي عهدن جون چارج پاڻ وٽ رکندڙ پروفيسر اڪرام الدين اڄڻ پاران اداري ۾ بدانتظامي ۽ پنهنجا نوازي چوٽ چڙهي وئي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، لمس جي ڊائگنوسٽڪ اينڊ رسرچ ليبارٽري، ايڊوانس ڊائگنوسٽڪ سينٽر ۽ بلاول ميڊيڪل ڪاليج ۾ 500 کان وڌيڪ ملازمن کي قائدن ۽ ضابطن جي ابتڙ غيرقانوني طريقي سان ڀرتي ڪيو ويو آهي، جن  ۾ حيدرآباد ۽ ڄام شوري جي بااثر سياسي شخصيتن جا ماڻهو به به شامل آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن مان هيٺئين گريڊ جا ڪيترائي ملازم گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن.

ڪجهه هفتا اڳ لمس ڄامشوري جي وي سي ۽ پرو-وي سي بابت سنڌسماءَچار تي هليل تفصيلي رپورٽ منظر تي اچڻ کانپوءِ يونيورسٽي جي ڪجهه پروفيسرز، اسسٽنٽ پروفيسرز، انتظامي عملدارن ۽ شاگردن پاران، يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ بيضابطگين، پرو وي سي اڪرام الدين اڄڻ جي مقري، پرو وي سي ٿيڻ، پي ايڇ ڊي  توڙي ايم فل، ڊائگنوسٽڪ اينڊ رسرچ ليبارٽري، ايڊوانس ڊائگنوسٽڪ سينٽر ۽ يونيورسٽي جي انتظام هيٺ هلندڙ بلاول ميڊيڪل ڪاليج سميت يونيورسٽي جي ڪجهه ٻين شعبن ۾ 500 کان وڌيڪ ملازمن جي غيرقانوني ڀرتين بابت هڪ خط لکيو ويو آهي. خط سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، نيب چيئرمين، ايف آءِ اي، سنڌ جي  وڏي وزير سميت لاڳاپيل اختيارين کي اي-ميل ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو خط سمورين اختيارين کي پوسٽ ذريعي به اماڻيو ويو آهي. خط ۾ لکندڙن مان ڪنهن به پنهنجو نالو ناهي لکيو ويو، انهن نالا لکڻ کانسواءِ يونيورسٽي جي سمورن معاملن خاص طور تي پرو-وي سي اڪرام الدين اڄڻ جي يونيورسٽي ۾ مقرري کان سندس پرو-وي سي ٿيڻ، 17 کان وڌيڪ عهدن تي هڪ ئي وقت مقرر هجڻ جا معاملا چٽي طرح واضع ڪيا ويا آهن.

خط ۾ چيو ويو آهي ته،  “ اڪرام الدين اڄڻ  لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنس جو تعليمي ماهر جي حيثٽيت ۾ خدمتن کان وڌيڪ کيس اداري جو ڪرمنل ڊان جيان اداري ۾ پنهنجو راڄ قائم ڪري ڇڏيو آهي، سندس وائيٽ ڪالر ڪرائيم جا ڪيترائي داستان آهن، انهن آڏو سياستدانن جي ڪرپشن جا قصا به شرمائڻ لڳن ٿا”.  خط پرو-وي سي اڪرام الدين اڄڻ تي الزاام هنيون ويو آهي ته، “ اڪرام الدين اڄڻ 2004 ۾ ايم فل مڪمل ڪئي، جنهن بعد 2008 ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڀرتي ٿيو، جنهن بعد قائد ۽ ضابطن جي خلاف ورزي ڪندي کيس 2014 ۾ صرف 6 سالن جي مختصر عرصي دوران 20هين گريڊ ۾ پروفيسر جي  عهدي تي مقرر ڪيو ويو، سندس مقرري وقت يونيورسٽي ۾ 21هين گريڊ جا سينئر پروفيسرز موجود هئا، جن جي  سينارٽي ۽ سندن حق نظرانداز ڪيو ويو”،  سنڌسماءَچار کي هٿ آيل ان خط ۾ پرو-وي سي تي اهو به الزام هنيو ويو آهي ته، “ پروفيسر اڪرام الدين اڄڻ لمس ڄامشوري ۾ 2016 دوران نوڪري ڪندي پي ايڇ  ڊي ڪئي ۽ ايف سي پي ايس ڪئي، جنهن لاءِ هن ڪا به اين او سي نه ورتي ۽ نه ئي مجاز اختياري کان موڪل ورتي، پي ايڇ ڊي جي ڊگري پارٽ ٽائيم طور حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو”.

لمس ڄامشوري جي پرو وائيس چانسلر ۽ 17کان وڌيڪ اهم عهدن تي مقرر اڪرام الدين اڄڻ تي ان خط ۾ اهو به الزام مڙهيو ويو آهي ته، هُو لمس ۾ نوڪري ڪرڻ، پرو-وي سي ۽ 17 کان وڌيڪ اهم عهدن تي مقرر هجڻ باوجود هڪ نجي ميڊيڪل يونيورسٽي (اسرا) جي ڊائگنوسٽڪ ليب  لاءِ پڻ ڪم ڪندوو رهي ٿو”.

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

سنڌسماءَچار کي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، لمس ڄامشورو ۾ ٿيل بيضابطگين، وي سي ۽ پرو-وي سي جي ڪارگذارين بابت لکيل خط کانپوءِ انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ سنڌ، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ سان يونيورسٽي جي مخصوص عملدارن جون ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وي سي پروفيسر بيکارام ۽ پرو-وي سي پروفيسر اڪرام الدين اڄڻ يونيورسٽي جي هڪ آفيسر ۽ حيدرآباد جي هڪ بااثر شخص معرفت سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل اختيارين سان رابطي ۾ آهن، جن معرفت معاملي کي دٻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ان ئي سلسلي ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته نيب ان خط جو جائزو وٺي چڪي ۽ امڪان آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر اهو خط نيب چيئرمين کي اماڻيون ويندو، جنهن بعد ان تي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

پيپلزپارٽي اقتدار بچائڻ ۽ ڪرپشن ڪيسز ۾ رعايتون وٺڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي

ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس، ٻيٽن تي منصوبا، لاڳاپيل قانوني گهرجون فوري طور پوريون ڪرڻ جي هدايت

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *