Friday , March 29 2024

لمس ڄامشورو جي شاگردياڻي، داعش ۾ شامل…؟؟؟

Lums 5   Lums 2

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردياڻي جي داعش ۾ شامل ٿي وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

لياقت يونيورسٽي ڄامشورو مان ٻه مهينا اڳ پراسرار طور نموني گم ٿي ويل شاگردياڻي نورين،هڪ ڇوڪري جي فيس بوڪ آءِ ڊي تي پنهنجي ڀاءُ کي ميسيج موڪلي چيو آهي ته هوءَ زنده آهي ۽ الله جي فضل سان خلافت جي زمين تي پهچي وئي آهي.

شاگردياڻي نورين جبار 10 فيبروري تي لاهور کان گهران لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي لاءِ نڪتي، جنهن کانپوءِ هوءَ پراسرار نموني گم ٿي وئي.

Lums 3Lums 4

شاگردياڻي نورين جبار، اسويٰ جتوئي نالي هڪ ناري جي  فيس بوڪ آءِ ڊي تي پنهنجي ڀاءُ جي نالي ميسيج ڇڏيو آهي ته، مان نورين آهيان ۽ الله جي فضل سان خلافت جي زمين تي پهچي وئي آهيان.

رابطو ڪرڻ تي ناريءَ جي پيءُ ڊاڪٽر عبدالجبار چيو آهي ته سندس ڌيءُ ڪيترن ئي ڏينهن کان پراسرا نموني گم آهي، پوليس سندس ڳولا ۾ ڪو به سهڪار نه پئي ڪري.

هن چيو ته منهنجي ڌيءُ پنج وقت نماز جي پابند هئي، جڏهن ته سندس سوچ انتهاپسندن واري نه هئي.

Lums 1

ان حوالي سان ايس ايس پي حيدرآباد جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي نورين حيدرآباد مان ٽڪيٽ ڪٽرائي لاهور رواني ٿي وئي، سندس ڀاءُ کي ڪيل ميسيج مان شاگردياڻي جي سوچ انتهاپسندن واري لڳي رهي آهي.

هن جو چوڻ هيو ته معاملي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *