Tuesday , April 23 2024

لاڙڪاڻي ۾ جوابدار جي معصوم نينگر سان ڏڍائي، دولتپور صفن ۾ نينگر سان زيادتي

لاڙڪاڻو/نوابشاهه ( رپورٽرز  سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي جي سچل ڪالوني واري علائقي ۾ وحشي جوابدار 12 سالن جي معصوم نينگر کي جنسي حوس جو نشانو بڻائي کيس تشدد جو نشانو بڻائي رتو رت ڪري ڇڏيو، نينگر جي ڪيهُن تي جوابدار ڀڄي ويو، جنهن کي پوليس بعد ۾ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سچل ڪالوني واري علائقي ۾ گذريل ڏينهن هڪ خالي پلاٽ تي 12 سالن جي نينگر عمران چانڊيو سان ٽن جوابدارن بدفعلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته مزاحمت تي نينگر کي تشدد جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا. نينگر جي پيءُ رحمت الله چانڊيو جي فرياد تي سچل ٿاڻي جي پوليس هڪ اڻڄاتل سميت ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. پوليس ڪارروائي ڪري ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن وقار عرف نعيم ڏهر ۽ ديدار شيخ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

دولتپور صفن ۾ پنجين جماعت جي شاگرد کي مبينا ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ بعد بيهوش حالت ۾ ريلوي اسٽيشن تي ڦٽو ڪري جوابدار فرار ٿي ويا، متاثر نينگر جي وارثن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. امين شاهه ڪالوني واسي متاثر نينگر جي وارثن نصرالله ڀٽو، عزيز الله ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. هنن الزام هنيو ته جوابدارن نديم هوٿيپوٽو ۽ سليم ڀٽو  12 ورهين جي نينگر کي جشن آزادي ڏهاڙي 14 آگسٽ تي تفريحي هنڌن تي گهمائڻ بهاني وٺي وڃي بدفعلي جو نشانو بڻايو. هنن چيو ته جوابدارن نينگر سان ڏاڍائيءَ بعد کيس بيهوش حالت ۾ ريلوي اسٽيشن تي  ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا.  هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي،  ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر نينگر جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيو ويو آهي، ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *