Saturday , April 20 2024

لاڙڪاڻي جو پي ايس 11 پيپلزپارٽي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر چئلينج بڻجي ويو

لاڙڪاڻي جو پي ايس 11 پيپلزپآرٽي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر چئلينج بڻجي ويو، پيپلز پارٽي اڳواڻن 5هزار کان وڌيڪ ووٽرز جا سڃاڻپ ڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ پي ايس 11 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ پيپلزپارٽيءَ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر چئلينج بڻجي وئي آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، تڪ تي پ پ اڳواڻن وچ ۾ هلندڙ خاموش اختلاف جميل سموري لاءِ ڏکيا ثابت ٿي رهيا آهن، جي يو آءِ پاران جي ڊي اي جي واضح حمايت پيپلز پارٽي جي پريشانين ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. لاڙڪاڻي جي سنڌ اسيمبلي جي صوبائي تڪ پي ايس 11 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ لاءِ اڱاري ۽ اربع جي وچين رات جو 12 هين وڳي چونڊ مهم ختم ٿي وئي آهي. گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي اميدوار معظم عباسي ۽ پيپلز پارٽي جي اميدوار جميل سومري وچ ۾ چوٽي جي مقابلي جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.

پي ايس 11 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ بابت پيپلزپارٽي لاڙڪاڻي جي هڪ سينئر ڪارڪن نالي نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار جي خاص نمائندي کي ٻڌايو ته، ننڍي چونڊ ۾ پارٽي پاران ٽڪيٽ ڏيڻ واري معاملي تي اختلاف موجود آهن، جن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پر 15هين آڪٽوبر تائين ان سلسلي ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي. ” عام طور تي پارٽي جي ڪارڪنن توڙي مقامي سطح جي اڳواڻن سان جميل سومري جو رويو ڪو چڱو ناهي رهيو، هاڻي به اليڪشن مهم دوران پڻ هن کوڙ سارا اهڙا موقعا آيا جڏهن ڪيترن ئي ڪارڪنن کي احسان جتايا“، پ پ جي سينئر ڪارڪن ٻڌايو ته، جميل سومري جي مقبوليت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو جڏهن لاڙڪاڻي جي دوري دوران ڪجهه سئو ماڻهو مشڪل سان بلاول جي ريلي ۾ شريڪ ٿيا، جنهن تي به پارٽي جي اڳواڻن جي ٺيڪ ٺاڪ ڏهاڙي ڇڏائي وئي آهي“.

لاڙڪاڻي خاص طور تي شهر جي سياست تي نظر رکندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته، باءِ اليڪشن روايتي طور تي حڪومتي اميدوار ئي کٽندو آهي ۽ پي ايس 11 تي به صورتحال اها ئي آهي، ان لاءِ سرڪاري مشينري جو استعمال ڪيو ويو آهي ۽ پولنگ واري ڏينهن به ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، پي ايس 11 جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ 1000کان وڌيڪ ڪٽنبن کي مختلف قسمن جون لالچون ڏئي سندن سڃاڻپ ڪارڊ ورتا ويا آهن، انهن ووٽرز جو تعداد 7000 جي لڳ ڀڳ آهي، اهي ووٽ چونڊ نتيجن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان کانسواءِ تڪ ۾ موجود  شيخ برادري جو ووٽ به ورهائجڻ جو امڪان آهي.

ان ئي سلسلي ۾ سنڌسماءَچار جي هڪ اهم اڳواڻ کان جڏهن سنڌسماءَچار پاران معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته، پ پ پ جي ان اڳواڻ نالي نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته جن 1000جي لڳ ڀڳ ڪٽنبن جو اوهان ذڪر ڪيو آهي، انهن کان ته گذريل عام چونڊن ۾ به سڃاڻپ ڪارڊ ورتا ويا هئا، پر اهي 1000 کان گهٽ هئا. پ پ پ جي ئي ان اڳواڻ ٻڌايو ته، هن ڀيري پي ايس 11 تي پيپلزپارٽي کي وڏو کاٽ پنهنجي ئي گهر مان لڳڻو آهي، تڪ جي 50 کان 70 اهڙا ڪٽنب آهن، جن کي پ پ جو اهم اڳواڻ ۽ پي ايس 11 جو ئي رهواسي جيئن چوندو اُهي ائين ڪندا، انهن کي جنهن لاءِ به چيو ويندو ان کي ووٽ ڏيندا يا وري اهو به ممڪن آهي ته اُهي ووٽر سڀ نه صحي پر انهن جو وڏو انگ ووٽ ڪاسٽ نه ڪري. هن ٻڌايو ته ننڍي چونڊ ۾ ووٽن جو ٽرن آئوٽ روايتن موجب گهٽ رهندو آهي. جيڪڏهن پي ايس 11 تي ووٽن جو ٽرن آئوٽ عام چونڊن جيترو رهيو ته پ پ پ کي 8 کانا 12 هزار جي ووٽن تان شڪست ملي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن ٽرن آئوٽ ايترو بهتر نه رهيو ته، پوءِ به جميل سومرو 4 کان 8 هزار تان کٽي سگهي ٿو.www.sindhsamaachar.com  سنڌسماءَچار

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *