Saturday , April 20 2024

لاڙڪاڻو:موهن جو دڙو تي انڊس سولائيزيشن بابت ٽن ڏينهن وارو سيمينار، پرڏيهه مان به ماهر پهتل

conference

 سنڌ جي مقدس آڳاٽي ماڳ موهن جو دڙو تي عالمي ڪانفرنس جاري آهي، ڏيهي توڙي پرڏيهي آرڪيالاجي ماهرن جو چوڻ آهي ته قديمي ماڳن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪوششن سان موهن جو دڙو عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل ٿيو، سندس حڪومت تاريخي ماڳ کي محفوظ بڻائڻ ۽ عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪندي. موهن جو دڙو تي ٽن ڏهاڙن واري عالمي ڪانفرنس جاري آهي، جنهن ۾ مختلف ملڪن جا 33 پرڏيهي ۽ ڪيترائي ڏيهي اسڪالر شريڪ آهن. عالمي ڪانفرنس جا اڄ 3 سيشن ٿيا، جنهن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي آرڪيالاجي ماهرن پنهنجون تجويزرون پيش ڪيون. ڪانفرنس ۾ آرڪيالاجي ماهرن ڪنٽري هيڊ ايف ڪي جانسن، مارڪ ڪينور، ڊاڪٽر نيلوفر شيخ، عبد الصمد ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته موهن جو دڙو سميت ٻين تاريخي ماڳن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ عالمي ڪانفرنس جو افتتاح سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته موهن جو دڙو سنڌ ۽ ملڪ جي ثقافتي سڃاڻپ آهي، جنهن کي عالمي سطح تي اجاڳر ڪرڻ لاءِ سندس حڪومت گهربل سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪوششن سان ئي موهن جي دڙي کي عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل ڪيو ويو. سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اسڪالرز جيڪي تجويزون پيش ڪندا، انهن جي آڌار تي موهن جي دڙي جي ترقي لاءِ حڪومت قدم کڻندي. وڏي وزير موهن جي دڙي تي هڪ وڻ به پوکيو ۽ موهن جي دڙي جي سرڪاري ويب سائيٽ جو افتتاح پڻ ڪيو. ڪانفرنس جي موقعي تي سڄي سنڌ جو ادبي ۽ علمي لڏو به موجود آهي، جڏهن ته سرڪاري مشنري به وڏي انگ ۾ موهن جي دڙي تي پهتل آهي….

Mohn jo dro1

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *