Friday , March 29 2024

لاڙڪاڻو:صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت جوڙيل عداتي ٽيم لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن جو دورو

لاڙڪاڻو:سپريم ڪورٽ پاران صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت جوڙيل عداتي ٽيم لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو، ٽيم جي سربراهه ٽن مهينن اندر قبضا ختم ڪرائي واٽر پلانٽ هلائڻ جي هدايت ڪندي ڪوتاهي ڪندڙ انجنيئرز خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. شهاب اوستو جي پيٽيشن تي سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل جوڊيشل ٽيم جي اڳواڻ جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي اڳواڻي ۾ ٽيم ڪمشنر ڊپٽي ڪمشنر، لاڙڪاڻي جي ميئر ۽ درخواست گذار شهاب اوستو سان گڏجي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ويو. جوڊيشل ٽيم پاران چانڊڪا اسپتال، رائيس ڪينال سميت مختلف علائقن جو دورو ڪري صفائي ۽ ڊرينج نظام صحيح نه هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو حڪم ڏنو ته لاڙڪاڻي ۾ گندي پاڻي جي کڏن ۽ پمپنگ اسٽيشن تي ٿيل قبضا هڪ مهيني اندر ختم ڪري آر او پلانٽ ٽن مهينن اندر هلايو وڃي. ڪميٽيءَ جي سربراهه ڪوتاهي ڪندڙ انجنيئرز خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪرائي کين جيل موڪلڻ جوحڪم پڻ ڏنو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *