Friday , April 19 2024

قتل ڪيل عورت بشرا شر جي وارثن کي معاملو جرڳي ذريعي نبيرڻ لاءِ ڌمڪيون، ھڪ جوابدار صغرا شر به گرفتار نه ٿي

فيض گنج ( رپورٽر  سنڌسماءَچار ) ملير جي پپري واري علائقي۾ قتل ڪيل عورت بشرا شر وارو معاملو جرڳي ذريعي نبيرڻ لاءِ جوابدار ڌر جو متاثرن تي دٻاءُ، فريادي عبدالستار شر جو چوڻ آهي ته ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ملي رهيون آهن، تحفظ ڏنو وڃي. پپري جي علائقي ۾ قتل ڪيل ٻن ٻارڙن جي ماءُ بشرا شر جي ڀاءُ عبدالستار شر صحافين آڏو دانهيندي چيو آھي ته، ڀيڻ بشرا جي قتل جو ڪيس ڪراچي۾ ملير جي عدالت۾ ھلندڙ آھي ، قتل ڪندڙ جوابدار عبدالرحمان شر گرفتار آھي،جيڪو قتل جو اعتراف ڪري چڪو آهي، ھن ٻڌايو ته، ڪيس داخل ھجڻ باوجود قتل ۾ ملوث غلام صغرا شر گرفتار ناھي ٿي سگهي. عبدالستار شر دانهيندي چيو ته، جوابدار ڌر ڪيس تان ھٿ کڻي معاملو جرڳي ذريعي نبيرڻ ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ھن چيو تہ جوابدار ڌر جي ڌمڪين ۽ جرڳي لاءِ دٻاءُ بابت ايس ايس پي ملير، ايس ايڇ او فيض گنج ۽ ڊي ايس پي ٺري ميرواهه کي لکت ۾ درخواستون ڏنيون آهن، فريادي عبدالستار شر وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آء جي سنڌ مشتاق مھر ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته تحفظ ڏئي انصاف مھيا ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *