Friday , March 29 2024

فيض گنج ۾ ڪرونا جو پهريون ڪيس ظاهر، وڏي پئماني تي مريضن جي موجودگي جو خدشو

فيض گنج (رپورٽ ضياءَ آرائين    سنڌسماءَچار) خيرپور ضلعي جي فيض گنج تعلقي ۾ ڪرونا وائرس جي پهرين ڪيس هئڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، نجي ڪلينڪ هلائيندڙ ڊاڪٽر مقبول راڄپر  جي  ڪروناٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي، جنهن جي تصديق سندس وارثن ۽ ڪلينڪ جي عملي به ڪئي آهي. رورل هيلٿ سينٽر فيض گنج جي اڳوڻي ايم ايس سول سرجن ۽ فيض گنج جي مشهور ڊاڪٽر مقبول راڄپر کي گذريل ڪجهه ڏينهن کان بخار ٿيو هو، جيڪو ختم نه ٿيو ته ڊاڪٽر مقبول گمس اسپتال گمبٽ مان پنهنجي ڪرونا ٽيسٽ ڪرائي هئي. اڄ سندس رپورٽ آئي جنهن ۾ کيس ڪرونا وائرس هئڻ جي تصديق ٿي آهي. ڪرونا پازيٽو اچڻ بعد ڊاڪٽر مقبول راڄپر پنهنجي گهر اندر ئي آئسوليٽ ٿي ويو آهي، سندس ويجهن ذريعن ٻڌايو آهي ته ڊاڪٽر پنهنجي سمورن گهر ڀاتين جي به ڪرونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪا سڀاڻي گمس مان ڪرائي ويندي.

ڊاڪٽر مقبول راڄپر پڪاچانگ شهر ۾ پنهنجي پرائيوٽ ڪلينڪ هلائيندو آهي، شهرين جو چوڻ آهي ته فيض گنج جو سينئر ۽ فيض گنج جي سرڪاري اسپتال جو اڳوڻو ايم ايس هئڻ جيڪري سندس ڪلينڪ ۾ هڪ سئو جي لڳ ڀڳ او پي ڊي هوندي آهي. انڪري خدشو ڏيکاريو پيو وڃي ته فيض گنج جي تعلقي هيڊ ڪوارٽر پڪاچانگ شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڪرونا وائرس جا مريض موجود ٿي سگهن ٿا، جنهن لاءِ شهر جي سرگرم سياسي سماجي ڪارڪنن صحت کاتي کان مطالبو ڪيو آهي ته فيض گنج ۾ ڪرونا وائرس جي مفت ٽيسٽ ڪرائي وڃي. ان سلسلي ۾ ٽي ايڇ او فيض گنج جي آفيس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر مقبول کي ڪلينڪ بند ڪري ملازمن جي ڪرونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو چيو هو پر ان تي اڃا تائين عمل ناهي ٿيو. ڊاڪٽر مقبول راڄپر جي نجي ڪيلنڪ تي ڪم ڪندڙ عملي جي ڪنهن به ملازم جي ڪرونا ٽيسٽ ناهي ڪرائي وئي ۽ ڪلينڪ به اڃا تائين کليل آهي جيڪا سيل ناهي ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *