Tuesday , April 23 2024

فيض گنج جي معزز شخصيت ڊاڪٽر عبدالفتاح قريشي لاڏاڻو ڪري ويو، مڙهه مٽي ماءُ حوالي

فيض گنج (رپورٽ: ضياءَ آرائين   سنڌسماءَچار) فيض گنج جي معزز شخصيت ڊاڪٽر عبدالفتاح قريشي 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. فيض گنج تعلقي جي معزز شخصيت، سينئر ڊاڪٽر سماجي خدمتن ۾ اڳڀرو رهندڙ ڊاڪٽر عبدالفتاح قريشي لاڏاڻو ڪري ويو، ڊاڪٽر عبدالفتاح قريشي ڪيترن ئي ورهين کان شگر ۽ ڪئنسر جهڙن موذي بيمارين سان جهيڙيندي گذريل رات دم ڌڻي حوالي ڪيو. ڊاڪٽر مرحوم عبدالفتاح قريشي جي فرزند ڊاڪٽر اصلاح الدين قريشي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، سندس والد ڪافي عرصي کان  ڪئنسر ۽ شگر جي بيمارين ۾ مبتلا هو، سندس مڙهه اڄ پڪاچانگ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. ڊاڪٽر عبدالفتاح قريشي جي لاڏاڻي تي فيض گنج تعلقي ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي  وئي آهي، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن، ڪامريڊ مرتضيٰ شر، استاد سيال حيات، صدام چانگ، تصور باقي، صداقت ميمڻ، ارشاد لاشاري، ايڊووڪيٽ فيض شر، شاذ خادم ۽ ٻين ڊاڪٽر عبدالفتاح قريشي جي وڇوڙي تي ڊاڪٽر عبدالفتاح قريشي جي پوئنرن سان ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *