Thursday , April 18 2024

فوج پولنگ اسٽيشنز جو نه پر ووٽرز جو تحفظ ڪري، جلسن ۾ پاڪ فوج خلاف منفي زبان استعمال ڪرڻ صحيح ناهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسان چاهيون ٿا ته هر ادارو پنهنجو ڪم ڪري، فوج ووٽرز جو ائين تحفظ ڪري، جيئن سرحدن تي دليري سان دشمنن جو مقابلو ڪندي آهي: پ پ پ چيئرمين

ڪراچي(چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته، جلسن جلوسن ۾ پاڪ فوج خلاف غلط ۽ منفي زبان جو استعمال ڪرڻ صحي ناهي، ڪراچي جي جناح گرائونڊ ۾ جلسي جي تيارين جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، “ اسان چاهيون ٿا ته مڪمل ۽ حقيقي جمهوريت ملي، مونکي افسوس ٿئي ٿو جڏهن وزيراعظم عمران خان جو جلسو هجي يا اپوزيشن جو؛ موجوده يا رٽائرڊ جرنلز جا نالا کڻڻ سان دفاعي ادارن جو وقار مجروح ٿيندو آهي”. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، “جڏهن اسان اسٽبلشمينٽ جو نالو کڻندا آهيون ته اسان کي خبر هوندي آهي ته اهو صرف اڄ جو نه پر تاريخ جو حصو آهي، اسان کي آمريت ملي يا وري ڪنٽرولڊ جمهوريت.” بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته، اسان ائين نه ٿا چاهيون ته، عدليه يا ملٽري بيوروڪريسي تي الزام لڳي پر ڇا ڪجي ڇو ته؛ فوج کي پولنگ اسٽيشن تي بيهاريو ويندو آهي پوءِ تڏهن ته الزام لڳندا آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان  هر  تقرير ۾ چوندو آهي ته، هي به مون سان گڏ آهي ته هُو به مون سان آهي، اسان سڀ هڪ پيج تي آهيون، وزيراعظم پاڻ دفاعي ادارن کي پنهنجي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪندو ته پوءِ ادارن جي وقار کي نقصان ته پهچندو. بلاول ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، اسان چاهيون ٿا ته، هر ادارو پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري، فوج پولنگ اسٽيشنز جو نه پر ووٽرز جو تحفظ ڪري، جيئن سرحدن تي دليري سان دشمنن جو مقابلو ڪندي آهي.

وفاق پاران صوبن جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ وارو عمل قبول ناهي: مولانا فضل الرحمان

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *