Saturday , April 20 2024

” فرزند ڪراچي لياقت علي خان کي شهيد به ڪراچي ۾ ڪيو ويو“: گورنر عمران اسماعيل

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) ” پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان فرزند ڪراچي جنهن کي شهيد به ڪراچي ۾ ڪيو ويو“، اهو چوڻ آهي پي ٽي آءِ  جي سينيئر اڳواڻ ۽ وزيراعظم عمران خان جي ويجهي ساٿي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ڇنڇر 11 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ مزار قائد تي، لياقت علي خان جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. گورنر عمران اسماعيل چيو ته، لياقت علي خان پاڪستان جو پهريون وزيراعظم هو، فرزند ڪراچي کي شهيد به ڪراچي ۾ ڪيو ويو هو.

گورنر عمران اسماعيل جي اهڙي بيان تي سڄاڻ ڌرين ۽ شهرين خاص طور تي سماجي رابطن جي ويب سائيٽس ٽويٽر ۽ فيس بڪ توڙي واٽس ايپ گروپس تي بحث ڇڙي ويو آهي، تعجب جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نااهل گورنر کي ٻيو ته ٺهيو پر پاڪستان جي تاريخ خاص طور تي پهرين وزيراعظم جي پئداش واري شهر ۽ شهادت واري هنڌ جي به خبر ناهي، اهڙن نااهل حڪمرانن کي عوام تي مڙهيو ويو آهي، جن کي پنجين درجي جي شاگرد جي جنرل ناليج جيتري به ڄاڻ ناهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

One comment

  1. گورنر عمران اسماعيل جھڙا نااهل گورنر سميت عمران خان وزير اعظم پاڪستان جي ٽيم سموري ٽيم ناڪارا ۽ نااهل آهي جيڪا پاڪستان جي عوام مٿان مڙهي ڇڏيو ويو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *