Friday , April 19 2024

غوثپور شهر جون گهٽيون گندي پاڻي جي نالين جو ڏيک ڏيڻ لڳيون

غوثپور(سنڌسماءَچار نيوز) شهر ۾ گندي پاڻي جو نيڪال وارو نظام تباهه هجڻ ڪري شهر جون بازارون ۽ رهائشي علائقا گندگي جي ور چڙهي ويا آهن. غوثپور شهر جي مک بازار واري رستي ۽ ان جي ڀرپاسي وارين گهٽين ۾ گندو پاڻي بيهجي ويو آهي. گندي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ ڪري مختلف بيمارين ڦهلجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. شهرين پاران شهر سميت رهائشي علائقن ۾ گندو پاڻي رستن ۽ گهٽين ۾ بيهڻ ۽ گندگي جا ڍير هجڻ جي شڪايتن باوجود مقامي انتظاميه ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. شهرين جو چوڻ آهي ته، مقامي انتظاميه ۽ مڪاني ادارن جا چونڊيل عوامي نمائندا مسئلا حل ڪرڻ ئي نه ٿا چاهين، سندن شڪايتن جو ڪو به ازالو نه پيو ڪيو وڃي. شهرين موجب گندو پاڻي هاڻي گهرن ۾ ڪاهي پوي ٿو جنهن سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آحي ۽ معصوم ٻارڙن ۾ دستن سميت مختلف بيمارين به منهن ڪڍڻ شروع ڪيو آهي. هنن چيو ته وارڊن ۽ يوسي سميت مڪاني ادارن جا فنڊز خبر ناهي ڪير ۽ ڪٿي خرچي رهيو آهي. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سنڌ واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم کي اپيل ڪئي آهي ته، غوثپور ۾ گندي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ ۽ گندگي جو نوٽيس وٺي شهرين جا مسئلا حل ڪرايا وڃن. (ظفر شير ڀيو جي ٿورن سان)

About Asghar Azad

Check Also

لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جو رائيس ملز جي پورهيتن جي حقن لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وطن دوست مزدور فيڊريشن جي سڏ تي لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *