Thursday , April 25 2024

غربت جو خاتمو چاهيون ئي نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن

غربت جو خاتمو چاهيون ئي  نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن! – اصغر آزاد

سنڌ حڪومت 12 سالن دوران سنڌ جي 48 تعلقن ۾ ننڍيون صنعتون کولي سگهي پئي، پر هنن ماڻهن کي صرف ٻن چئن هزارن پويان خوار ڪيو

سنڌ حڪومت هجي يا وفاقي سرڪار، عالمي مالياتي ادارن، ڊونر ايجنسين ۽ پنهنجي بجيٽ ۾ غربت جي خاتمي جي نالي تي بجيٽ رکي، ماڻهن کي مفت جي ماني، ٻئي يا ٽئين مهيني ڪجهه هزار روڪ ڏيڻ لاءِ هر سال اربين رپين جا فنڊ خرچ ڪري ڪڏهن رياست مدينا ته ڪڏهن عوامي ڀلائي جي نالي تي ماڻهن کي سُسُت، ڪاهل، نڪمو، پنڻ ۽ مفت خوري تي هيرائڻ لاءِ سموري حڪومتي مشينري استعمال ڪرڻ کي ڪاميابي سمجهون ٿا.

پر حڪومتن ڪڏهن به اهڙي عمل کي هٿي ناهي ڏني ته ماڻهن کي ڪم تي لڳائي بيروزگاري ختم ڪجي، روزگار جا موقعا پيدا ڪجن، پنهنجو روزگار پاڻ پيدا ڪرڻ لاءِ هنري سکيا ڏجي، هر علائقي ۾ ننڍي پئماني تي مقامي ڪاروبار/ صنعت قائم ڪري ماڻهن کي روزگار سان لڳائجي، جيئن هڪ فرد کي روزگار سان لڳائي ان جي ڪٽنب کي پنهنجي محنت مزدوري جي ڦل سان زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو ملي سگهي. سنڌ جي هر ضلعي ۾ هڪ کان وڌيڪ مقامي صنعت جو را مٽيريل موجود آهي، جن ۾ ڳاڻيٽي جهڙن ضلعن ۾ ٽنڊو الهيار، نوشهرو فيروز، خيرپور ميرس، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو، مٽياري، نوابشاهه / شهيد بينظير آبادسانگهڙ، ٺٽو ۽ بدين شامل آهن. جتي زراعت کان وٺي هٿ جي هنر سميت کوڙ سارا اهڙا شعبا آهن جن کي ننڍي کان وچولي ڪاروبار/ صنعت جي صورت ۾ روزگار جو ذريعو بڻائي سگهجي ٿو. پيپلزپارٽي جي حڪومت چاهي ها ته هر سال ٻن ض:عن جي ٻن تعلقن ۾ اهڙي نوعيت جي قسم جي وچولي / ننڍي صنعت ايمانداراڻي نموني قائم ڪري مخلص، ايماندار، همدرد ماڻهن کي انهن جون واڳون حوالي ڪري چيڪ اينڊ بئلنس جو سئو سيڪڙُ نه صحيح 80 سيڪڙو ئي بي رحم نظام جوڙين ها ته ڪري سگهجي پيو ۽ 12 سالن دوران سنڌ جا 24 ضلعا ۽ انهن جا 24 تعلقا ننڍين صنعتن جو مرڪز هجن ها، عزت ڀرئي روزگار جا به موقعا پيدا ٿين ها ته جيڪر اسان جون، ڀينر، امڙيون، چاچيون، ماسيون، پڦيون احساس ڪفالت پروگرام ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام يا ڪنهن به ٻئي اهڙي پروگرام مان ڪجهه هزارن وٺڻ لاءِ ذليل ۽ خوار نه ٿين ها ۽ پوءِ اسان نام نهاد پڙهيا لکيا ماڻهو وري ان ذلت تي دانهون نه ڪيون ها.

اسان جا آبادگار به هر ڇهين مهيني جنسن جي اگهن نه ملڻ جون رڙيون ڪندا آهن، دانهن پئي پوندي اٿن ته گهوڙا ڙي خرچ به پورو نه ٿو ٿئي، اُهي جيڪڏهن پنهنجي زراعت کي ڪارپوريٽ ايگريڪلچر سسٽم تي کڻي وڃن، هر ضلعي ۾ ٻه چار آبادگار گڏجي ڪا زرعي صنعت لڳائي ان کي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪن ته نه رڳو هنن جو روئڻ ۽ دانهن جو سلسلو بند ٿي  ويندو پر پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ محدود پئماني تي ئي صحي پر روزگار جا موقعا به پيدا ڪري سگهن ٿا، ان لاءِ صوبائي توڙي وفاقي حڪومت کي به ڪي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻيون پونديون، ان لاءِ دانهون ڪرڻ اڃا سهنجو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *