Saturday , April 20 2024

عيد جي خوشين ۾ بي پهچ ماڻهن کي نه وسارجو

جنين ڏڌ نه ٻج تنين تنهنجو آسرو….!!!

EID mubarak

سنڌسماءَچار سٿ پاران سمورن پڙهندڙن کي عيد واڌايون قبول هجن. اوهان سمورن سرندي وارن کي نماڻي گذارش ته پنهنجي ڀرپاسي، اوڙي پاڙي ۾ انهن کي به پنهنجي خوشين ۾ شامل ڪجو جيڪي عيد ڏينهن به هڪ ويلو ماني کائڻ لاءِ جستجو ۾ هجن. انهن کي به نه وسارجو جيڪي عيد جي موڪلن سبب پنهنجو ڏهاڙي جو خرچ به پورو نه ڪري سگهندا آهن. انهن کي به پنهنجي خوشين ۾ شامل ڪجو، جيڪي لطيف سرڪار جي انهن سٽن جو مظهر هوندا آهن ته؛

جنين ڏاند نه ٻج تنين به تهنجو آسرو….

آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا……

انهن سفيد پوش ماڻهن کي به نه وسارجو جيڪي پنهنجوڏک پريشاني ڪنهن سان ونڊي سگهڻ جي به همٿ نه رکندا آهن.

سدائين گڏ.

سنڌ سلامت

ساٿ سلامت

اصغر آزاد

آن لائن ايڊيٽر

سنڌسماءَچار

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *