Friday , March 29 2024

عورتن جو عالمي ڏينهن، سڄي سنڌ ۾ تقريبون ريليون

ڪراچي/لاڙڪاڻو/سکر/خيرپور( سنڌ سماءَ چار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ريليون ڪڍيون ويون.سڀني کان وڏيون ريليون مختلف ناليوارين عورتن شيما ڪرماڻي ۽  ٻين عورتن ۽ پيپلز پارٽي جي عورت ونگ پاران ڪڍيون ويون،جنهن ۾ محترما بينظير ڀٽو،عاصما جهانگير سميت ناليوارين شخصيتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. ڪراچي جي علائقي فريئر هال کا ڪراچي پريس ڪلب تائين ناليوارين عورتن وڏي ريلي ڪڍي.ريلي ۾ عورتن جي هٿن ۾ محترما بينظير ڀٽو، عاصما جهانگير ۽ ٻين جي تصويرن وارا بينرز هئا.عورتون سماجي انصاف جي فراهميءَ لاءِ نعرا هڻي رهيون هيون. ڪراچي ۾ ايم اين اي فريال ٽالپر جي اڳواڻي ۾ سنڌ اسيمبلي کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي ريلي ۾ سنڌ اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر شهلا رضا، پ پ اڳواڻن نثار کهڙي، ناصر شاهه، سهيل انور سيال، ڪلثوم چانڊيو، شازيا مري ۽ ٻيا شامل هئا.

حيدرآباد ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن تي هڪ سماجي تنظيم پاران  سنڌ ميوزيم ۾ پروگرام جو بندوبست ڪيو ويو،جنهن ۾ اياز لطيف پليجي،پروين منشي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. حيدرآباد ۾ پاڪستان فشرفوڪ فورم  پاران عورتن جي عالمي ڏينهن تي  سيد محمد علي شاهه، پنهل سارئي جي اڳواڻي ۾ ڊفينس پلازا کان  پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن جي تعداد شرڪت ڪئي. ميرپور خاص ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان مختلف ادارن پاران تقريبون منعقد ڪيون ويون. پوليس ڪامپليڪس ميرپورخاص ۾ عورتن ۽ ٻارڙن کي قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ ان حوالي سان پوليس جي ڪردار بابت سيمينار ٿيو، جنهن بعد بريفنگ ڏيندي ڊي آءِ جي مظهر نواز شيخ چيو ته سنڌ ۾ ميرپورخاص واحد ڊويزن آهي، جتي ڪارنهن، عورتن جي خودڪشين، نجي جيلن مان ماڻهن جي بازيابي ۽ زوري مذهب مٽائڻ وارا واقعا سڀ کان وڌيڪ رپورٽ ٿيا آهن. ميرپور خاص ۾ هڪ سماجي تنظيم پاران “ملڪ جي ترقيءَ ۾ عورت جو ڪردار” جي عنوان هيٺ سيمينار ٿيو،  جنهن ۾ ڳالهائيندي آمريڪا کان آيل ايملي هائوز چيو ته کيس خوشي ٿي آهي ته جن عورتن جا آئون فوٽو ڏسندي هئس، اڄ انهن سان گڏ ويهڻ جو موقعو مليو آهي.هن چيو ته سنڌ جي عورت جو آڌرڀاءُ ۽ محبت جو ذڪر آئون آمريڪا ۾ ڪندي آهيان، پوري دنيا ۾ عورتن سان مسئلا آهن پر هتي مختلف رسمن رواجن ۽ مرد جي هڪ هٽيءَ سبب عورتن جا مسئلا وڌيڪ نظر اچن ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *