Wednesday , April 24 2024

عمران خان هاڻي يوٽرن وٺڻ بدران اوڏاهن ويندو جتان آيو هو: قمر الزمان ڪائرا

اسان نيب سڌارن جي ڳالهه ڪئي ته عمران خان چيو اسين اين آر او وٺڻ چاهيون ٿا، ٻڌائي ته ڪير سندس رستي ۾ روڙا پيو اٽڪائي: قمرالزمان ڪائرا

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ قمر الزمان ڪائرا چيو آهي ته، وزيراعظ۾ عمران خان نيب آرڊيننس آڻي آخري يوٽرن ورتو آهي جيڪو سندس آخري يوٽرن ثابت ٿيندو، هاڻي يوٽرن وٺڻ کانسواءِ اوڏانهن هليو ويندو جيڏائين کيس موڪليو ويو هو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قمر الزمان ڪائرا چيو ته، وزيراعظم عمران خان چوي پيو ته هُو تبديلي آڻڻ چاهي ٿو پر کيس روڪيو پيو وڃي، عمران خان کولي ٻڌائي ته کيس ڪير روڪي رهيو آهي، هن چيو ته جڏهن آصف زرداري چيو هو ته نيب ۽ معيشت گڏ نه ٿا هلي سگهن ته چيو ويو ته اسان اين آر او گهرون پيا. وزيراعظ۾ عمران خان پنهنجن دوستن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ آرڊيننس آڻي حڪومت پنهنجي ساٿين کي اين آر او پلس ڏئي ڇڏيو آهي، هي آرڊيننس ته نيب ۽ ڪرپشڻ جي ماءُ ثابت ٿيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجن ساٿين کي بچائڻ لاءِ نيب ۾ ترميمون متعارف ڪرايون، نيب هاڻي رڳو سياسي جماعتن جو احتساب ڪري سگهندو. قمر زمان ڪائره چيو ته يوٽرن جي حد ٿي وئي، عمران خان جو فائنل يوٽرن ويجهي آهي ۽ اهو سندس سياست جو آخري يوٽرن هوندو، جڏهن سليڪٽيڊ جي ضرورت ختم ٿي ويندي ته کيس يوٽرن ڏنو ويندو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *