Friday , April 19 2024

عرفان جتوئي جو قتل – ”ڀائرن جهڙو ايس ايس پي ۽ سئوٽن جهڙو ايس ايڇ او“

”ڀائرن جهڙو ايس ايس پي ۽ سئوٽن جهڙو ايس ايڇ او“- اصغر آزاد

قتل جي الزام هيٺ آيل اهي پنهنجي عهدن تي موجود آهن ۽ آءِ جي صاحب جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي… واهه صاحب واهه….

“ ڀائرن جهڙي ايس ايس پي ” عالي جناب عرفان سمون، وڏي جفاڪشي ڪري پوليس جي قاتل گڙدي سان عرفان جتوئي کي جهانگڙو ڀرسان قتل ڪري ڇڏيو.

ان قتل کانپوءِ هن “ڀائرن جهڙي ايس ايس پي”، جي “ ڀائرن” مختلف واٽس ايپ گروپن تي عرفان جتوئي تي داخل ٿيل ڪيسن جو وچور ورهائڻ شروع ڪري ڏنو، اصل مينهن پئي وٺو انهن ڪيسن جي وچور جو، گروپن ۾، پرسنل انباڪسز ۾، فيس بڪ تي، باقي ٽويٽر جي ته انهن کي شايد خبر ئي ناهي ته، اُهو بچيل هو، جڏهن اتي دال نه ڳري ته پوءِ ڀائرن جهڙي ايس ايس پي انهن ڀائرن تي ڪاوڙ به ڪئي، ٻن چئن ڀائرن کي ته مند جون به ٻڌايون. پوءِ ڪنهن سياڻي “ ڀاءُ ” (چون ٿا اهو ڀاءُ لاڙڪاڻي واري پاسي جو هو جنهن سکر ڊويزن جي  هڪ ڀاءُ سان گڏجي صلاح ڏني) جي صلاح تي هي پاڻ ئي ميدان ۾ لهي پيو، عرفان خروس جتوئي جي ڪيسن جا تفصيل ميڊيا تي جاري ڪيا، صحافين کي انٽرويوز ڏنا، قومي اسيمبلي جي پارلياماني ڪميٽي کي جوابي خط ۾ تفصيل ڏنا ۽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڏوهاري هو ۽ هُو پوليس سان مقابلي دوران مارجي ويو. پر هن جو اُهو موقف ٻڌڻ ۽ پڙهڻ جهڙو آهي، پنهنجي خلاف پاڻ ايف آءِ آر داخل ڪري رهيو آهي.

هن وقت تائين اسان عرفان خروس جتوئي جي “پوليس مقابلي” ۾ مارجڻ خلاف جيڪو به احتجاج ٿيو آهي، سوشل ميڊيا تي جيڪو لکجي پيو ان جو نچوڙ اِهو آهي ته، عرفان جتوئي هڪ مهينو اڳ سنڌ يونيورسٽي مان هٽڙي پوليس جي سردار نثار شاهه گرفتار ڪيو، ان ئي ڏينهن هٽڙي پوليس، ايس ايس پي ڄامشورو قبول ڪيو هو ته پوليس عرفان ۽ سندس هڪ دوست کي گرفتار ڪيو آهي/هو…..

سوال اهو آهي ته ڇا پوليس عرفان جتوئي کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ايف آءِ آر داخل ڪئي يا ڪا انٽري ڪي؟

سندس گرفتاري پراڻن ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪري لاڳاپيل ڊي آءِ جي/ ايس ايس پي يا ٿاڻي جي حوالي ڪيو؟

جيڪڏهن نه ته پوءِ ڀائرن جهڙيي ايس ايس پي ۽ سئوٽن جهڙي ايس ايڇ او نثار شاهه ته سڌو سئون قتل ڪيو آهن نه……

پوءِ قتل جي الزام هيٺ آيل اهي پنهنجي عهدن تي موجود آهن ۽ آءِ جي صاحب جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي… واهه صاحب واهه….

About Asghar Azad

Check Also

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس

پوليس بيوس بڻيل، قبيلائي دهشتگردي تان اغوا ڪيل 2عورتون ۽ هڪ ٻارڙي راڄوڻي بعد واپس، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *