ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت هلندڙ سال آڪٽوبر مهيني دوران عام چونڊون نه ڪرائڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پي ڊي ايم سربراهه جي صلاح مشورن بعد شروعاتي طور تي ايندڙ آدمشماري هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪئي وئي آهي. ملڪ جي آئين مطابق هر پنجن سالن کانپوءِ عام چونڊون ڪرائڻ واري آئيني گهرج پوري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن مختلف قانوني طريقا استعمال ڪرڻ لاءِ هوم ورڪ شروع ڪيو ويو آهي؛ ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار پاران گڏ ڪيل معلومات موجب، پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت جَي چئن مک اڳواڻن، اڳوڻي صدر آصف زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ وزيراعظم شهباز شريف، پنهنجن پنهنجن آئيني ۽ قانوني ماهرن سان صلاح مشورن بعد طاقتور ڌرين سان مشاروت ڪري ان ڳالهه تي اتفاق ڪري ورتو آهي ته، قومي اسيمبلي جو آئيني مدو پورو ٿيڻ تي هلندڙ سال آڪٽوبر مهيني ۾ عام چونڊون نه ڪرايون وينديون، جنهن لاءِ جواز پيدار ڪرڻ خاطر آئيني ۽ قانوني ماهرن کي تياري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سياسي طور تي ماحول ٺاهڻ لاءِ پيپلزپارٽي، ن ليگ ۽ جي يو آءِ پڻ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، ايندڙ مهيني فيبروي جي پهرين هفتي ۾ رٿيل آدمشماري هڪ مهينو ملتوي ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ جواز اهو ڄاڻايو ويو آهي ته عملي جي کوٽ، مڪمل تربيت، گهربل سامان ۽ ان لاءِ خرچن جي ڪاٿي ۾ به اضافو ڪرڻن آهي، جنهن لاءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ نئون جواز گهربل بجيٽ جو بندوبست ڪرڻ به هوندو.
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته فيبروري جي ٻئي يا آخري هفتي ۾ ستين ۽ پهرين ڊجيٽل آدمشماري ٻيهر گهٽ ۾ گهٽ 15 ڏينهن يا هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري سگهجي ٿي، جنهن مک جواز ملڪ جي معاشي صورتحال ڄاڻايو ويندو، جنهن لاءِ آئيني ۽ قانوني رنڊڪون ختم ڪرڻ جو به بندوبست ڪيو ويندو.آدمشماري جو ملتوي ڪرڻ به عام اليڪشن ۾ دير جو مک ڪارڻ آهي، آدمشماري ۽ انن جي نتيجن جي حتمي منظوري وارو مرحلو به ائين ئي انگهايو ويندو. نيون عام چونڊون نئين آدمشماري ۽ انن آدمشماري تحت ملڪ اندر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪن جو حدبنديون ڪرڻ به هڪ لازمي آئيني گهرج آهي؛ جيڪا پوري ڪرڻ کانسواءِ عام چونڊون نه ٿيون ڪرائي سگهجن. اهڙي طرح اتحادي حڪومت طاقتور شخصيتن جي راضپي سان عام چونڊوون هلندڙ سالال آڪٽوبر مهيني بدران ايندڙ سال جنوري يا فيبروري ۾ ڪرايون وينديون. ان لاءِ موجوده اسيمبلي جي مدي وڌائڻ يا نگران حڪومت قائم ڪري ان کان اهو ڪم وٺڻ وارن آپشنز تي غور ڪيو پيو وڃي.