Saturday , April 20 2024

عام چونڊن جون تياريون، ڊي آر اوز، آر اوز ۽ اي آر اوز ججز مقرر

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ، رٽرننگ ۽ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسرز طور مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊون ڪرائڻ لاءِ سموري ملڪ ۾ 131 ڊي آر اوز مقرر ڪيا ويا آهن.اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ، رٽرننگ ۽ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسرز جي مقرري جو اعلان ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڊي آر اوز، آر اوز ۽ ايَ آر اوز لاءِ ججز کي مقرر ڪيو ويو آهي، سموري ملڪ ۾ مجموعي طور 131 ڊي آر اوز مقرر ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سنڌ ۾ چونڊن دوران 27 ڊسٽرڪٽ ريٽرنگ آفيسر مقرر ڪيا آهن ۽ اهي سمورا ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنز جج هوندا.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي قومي اسيمبلي جي 61 سيٽن تي 61 ريٽرننگ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنز ۽ سينئر سول جج هوندا.اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان موجب سنڌ جي صوبائي اسيمبلي جي 130 سيٽن لاءِ 130 ريٽرنگ آفيسر مقرر هوندا، جيڪي سول ججز هوندا. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته فاٽا ۽ ڪجهه ضلعن ۾ جڊيشل آفيسر نه هئڻ سبب انتظاميا جي آفيسرز جون خدمتون ورتيون ويون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *