Friday , April 19 2024

طالبان افغانستان جي راڄڌاني ڪابل تي قبضو ڪري ورتو

ڪراچي (نيوز مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار)  طالبان افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ داخل ٿي اهم ادارن جي هيڊڪوارٽرز تي قبضو ڪري ورتو، افغان ميڊيا موجب طالبان سمورن سرڪاري ملازمن لاءِ عام معافي جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي. افغان طالبان ٽن ڏينهن جي لاڳيتي ويڙهه کانپوءِ نيٺ افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ داخل ٿي چڪا آهن. افغاني ميڊيا ۽ پرڏيهي ميڊيا موجب افغان طالبان ڪابل تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ ڪاروباري مرڪرزن، بئنڪن، نجي ۽ سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ سمورن ملازمن لاءِ عام معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد ڪابل تي طالبان جي قبضي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته افغانستان جي صوبي خوست تي به طالبان قبضُ ڪري ڇڏيو آهي، جتي گورنر هائوس، پوليس هيڊڪوارٽرز ۽ انٽيليجينس سينٽر تي قبضو ڪري سمورن ملازمن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي ڇڏيو آهي، طالبان پاران سمورن سرڪاري نجي ملازمن ۽ سيڪيورٽي جي سمورن اهلڪارن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي عام معافي جو اعلان ڪيو ويو آهي، هن وقت خوست صوبي جي سمورين سيڪيورٽي فورسز جو مڪمل بارود به طالبان جي قبضي ۾ آهي. افغان طالبان پنهنجي سمورن هٿياربندن کي هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ حڪمن تائين ڪابل سميت سمورن شهرن ۾ تشدد کان پاسو ڪيو وڃي، ڪنهن به ملڪي  يا غير ملڪي شهري کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ڏني وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *