Thursday , March 28 2024

ضياءَ لنجار، منظور وساڻ ۽ امتياز ملاح خلاف ڪرپشن جي جاچ شروع ٿي وئي

قانون وارو وزير ضياءَالحسن لنجار           منظور حسين وساڻ  

اسلام آباد/ڪراچي( سنڌسماءَچار نيوز) نيب چيئرمين صوبائي وزير منظور وساڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي خاص مددگار امتياز ملاح خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي صدارت هيٺ؛ نيب جي ايگزيڪيٽو بولرڊ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ جي صنعتن واري کاتي جي صوبائي وزير منظور وساڻ، قانون اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي تڏهوڪي خاص مددگار امتياز ملاح خلاف ڪرپشن الزامن جي جاچ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته، منظور وساڻ خلاف نيب وٽ آيل شڪايتن تي ابتدائي جاچ ڪئي وئي هئي. ترجمان موجب ابتدائي جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته منظُر وساڻ وٽ موجود ملڪيتون سندس آمدني جي ذريعن کان تمام گهڻيون آهن، انڪري آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ واري الزام هيٺ منظور وساڻ خلاف جاچ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ان جي منظوري ڏني وئي آهي.

نيب ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي خاص مددگار امتياز ملاح خلاف به ساڳئي نوعيت جا الزام آحن جيڪي منظور وساڻ تي آهن. ترجمان جو چوڻ آهي ته، نيب جي ايگزيڪيٽو بورڊ جي فيصلي کانپوءِ نيب چيئرمين امتياز ملاح خلاف به آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري معاملي جي جاچ ڪئي ويندي. امتياز ملاح بابت ذريعن سنڌ سماءَ چار کي ٻڌايو ته، امتياز ملاح اصل ۾ سيد قائم علي شاهه ۽ سندس خانداني ڪجهه فردن جي فرنٽ مين طور ڪم ڪندو آهي. امتياز ملاح جي نالي تي ڪراچي، سکر، خيرپور، ڪوٽڏيجي سميت مختلف هنڌ تي اربين رپين جون ملڪيتون آهن. ذريعن موجب امتياز ملاح جو ايران ۾ به ڪاروبار آهي، جيڪو مخلتف ماڻهن جي نالن تي واپاري ڀاڱي ڀائيواري واري بنياد تي قائم آهي.

ٻي طرف نيب، صوبائي گهرو وزير ضيا لنجار خلاف غيرقانوني اثاثا ٺاهڻ ۽ ناجائز اختيار استعمال ڪرڻ خلاف جاچ جي منظوري لاءِ مهلت گهري ورتي آهي.ضيا لنجار پاران آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ ۽ ناجائز اختيار استعمال ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. نيب جي جاچ  آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدار خلاف جاچ لاءِ سفارشون نيب هيڊ آفيس موڪليون آهن. عدالت اهڙي آگاهي کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 13 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي خبرون به پڙهو

زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ڪيس ۾ اڳوڻي ايم پي اي نصرالله بلوچ جي عارضي ضمانت منظور

پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر ستار راڄپر نيب جي وڪڙ ۾

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *