Thursday , March 28 2024

صفوران چورنگي وٽ ڏوهارين جو نينگر تي سري عام تشدد، تڙپائي تڙپائي ماري ڇڏيو

مجيد گبول جومفت ڪيس وڙهڻ لاءِ وڪيلن جو پئنل جوڙي رهيا آهيون، جوابدارن کي انجام تائين پهچائينداسين: محمد خان شيخ

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ ڏوهارين جو نوجوان تي وچ چوراهي تي 14 ورهين جي نينگر تي بي رحماڻو تشدد ڪري ماري ڇڏيو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته، ڦرين، ڌاڙن، منشيات جي وڪري سميت مختلف ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث عبدالله افغاني ساٿين سان گڏجي نوجوان عبدالحميد گبول تي سري عام تشد ڪري بيهوش ڪري ڇڏيو، جنهن بعد جوابدارن مٿس پٿر وسائي ماري ڇڏيو. سچل ٿاڻي جي حد صفوران چورنگي تي رات دير سان مختلف ڏوهن ۾ ملوث جوابدار عبدالله افغاني ساٿين سان گڏجي نوجوان عبدالحميد گبول مٿان بنا ڪنهن جواز جي حملو ڪري کيس سخت تشدد جو

نشانو بڻائي بيهوشس ڪري ڇڏيو، جنهن بعد عبدالله افغاني ۽ ٻين مٿس سري عام پٿر وسائي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. سخت تشدد سبب عبدالمجيد گبول دم ڏئي ڇڏيو. فوتي نوجوان جي عبدالمجيد گبول جي ڀاءُ عبدالستار گبول جو چوڻ آهي ته جوابدار عبدالله افغاني بنا ڪنهن جواز جي مجيد تي تشدد ڪري شهيد ڪيو آهي. علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پهچي جوابدار عبدالله افغاني کي گرفتار ڪري ورتو آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته عبدالله افغاني ۽ سندس ساٿي علائقي ۾ ڦرن، ڌاڙن، منشيات جي وڪري سميت ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث آهن. فوتي نوجوان جي وارثن موجب جوابدار ڪيس داخل نه ڪرائڻ ۽ خاموش ٿيڻ لاءِ مختلف طريقن سان دٻاءُ وجهي رهيا آهن، سندن چوڻ آهي ته جوابدار ڌر بااثر آهي، معاملي کي دٻائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون به ڏئي رهيا آحن، هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر سميت لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته اسان کي تحفظ ڏئي جوابدار جي ٻين ساٿين کي به گرفتار ڪيو وڃي.

ڪراچي ڊولپمينٽ فورم جي اڳواڻن محمد خان شيخ، وقار لغاري ۽ ٻين سنڌسماءَچار سان ڳالهائيندي چيو ته، ڏوهاري ماڻهن نوجوان عبدالمجيد کي سري عام ديده دليري سان قتل ڪيو آهي، هڪ جوابدار کي ته پوليس ڪيو آهي پر سندس ساٿي فرار ٿي ويا آهن، آءِ جي سنڌ سميت واڳيل اختيارين کي اپيل آهي ته ڀڄي ويل جوابدارن کي به فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. هنن چيو ته نينگر عبدالمجيد جي قتل جو ڪيس ڪي ڊي ايف جي وڪيلن جوپئنل مفت ۾ وڙهندو، هنن چيو ته مجيد گبول جي وارثن کي يقين ڏياريون ٿا ته سندن قانوني توڙي ٻئي مدد ڪري قاتلن کي انجام تائين پهچائينداسين.

سنڌ حڪومت پاران بُنڊار سان گڏ ڏنگي ٻيٽ تي به منصوبن ۾ وفاق سان سهڪار جو اعلان

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *