Saturday , April 20 2024

صحت جي وزير عذرا پيچوهو ۽ فريال ٽالپر جي خواهش، ڊاڪٽرز چٽاڀيٽي واري امتحان کانسواءِ ڀرتي ٿيندا

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي خواهش تي سنڌ ۾ ڊاڪٽر صرف انٽرويو ذريعي ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صحت کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، کاتي جي وزير جي خواهش تي آصف زرداري معرفت سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي به ان ڳالهه تي راضي ڪيو ويو آهي. وڏي وزير جي قانون واري کاتي ۽ سُڌسماءَ واري کاتي بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته، سنڌ سرڪار صوبي ۾ ڊاڪٽرز جي کوٽ سبب رڳو انٽرويوز جي بنياد تي ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرز جي کوٽ آهي ۽ ڊاڪٽرز جي فوري طور تي تمام گهڻي ضرورت آهي، انڪري اهو فيصلو ڪويم  ويو آهي ته، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان وٺڻ کانسواءِ ئي رڳو انٽرويو وٺي ڊاڪٽرز کي ڀرتي ڪنداسين.

وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته صوبي ۾ فوري طور انٽرويوز جي بنياد تي 15 سئو کان وڌيڪ ڊاڪٽر ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيا ويندا. وقت بچائڻ لاءِ عوام کي فوري طور رليف ڏيڻ چاهيون ٿا، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي امتحان وٺڻ هڪ ڊگهو مرحلو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ڪابينا ڊاڪٽرن جي ڀرتي جي منظوري ڏني آهي، شروعاتي طور تي ماهر ۽ ايم بي بي ايس ڊاڪٽرز کي ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ڀرتي ڪيو ويندو. وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو ته ڊاڪٽرز کي ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ڀرتي ڪيو ويندو جن کي بعد ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻو پوندو.

(ڊاڪٽرن جي ڀرتي واري معاملي بابت تفصيلي رپورٽ ڇنڇر اڄ20 آڪٽوبر تي شام جو سنڌسماءَچار جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪنداسين)

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *