Friday , March 29 2024

صحافين جي عالمي تنظيم به شهيد ناظم جوکيو ڪيس جي شفاف جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پئرس / ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي جهنگلي جيوت ۽ ماحوليات کي بچائڻ ۽ پنهنجي روايتن کي قائم رکڻ لاءِ جان جو نظرانو ڏئي شهادت ماڻيندڙ شهيد ناظم جوکيو جي وحشياڻي قتل تي عالمي سطح تي آواز بلند ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. صحافين ۽ اظهار جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ عالمي تظمي “ رپورٽرز ودآئوٽ بارڊرز“ شهيد ناظم جوکيو جي قتل جي شفاف ۽ اڻڌري جاچ جو مطالبو ڪندي وارثن کي تحفظ ۽ انصاف ڏيارڻ جي گُهر ڪئي آهي. صاحفين جي  عالمي تنظمين آر ايس ايف پن هنجي  جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته، مهمان پکين جو شڪار ڪندڙ عرب شڪارين کي منع ڪندڙ نوجوان ناظم جوکيو کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، سندس ڏوهه وڊيو ڀرڻ ۽ شڪار کان منع ڪرڻ هو، جنهن تان کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ ٻي وڊيو ۾ ناظم جوکيو اهو ٻڌائيندي نظر آيو ته کيس ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پر هو ڪنهن کان ڊڄڻ وارو نه آهي ۽ هو ڪنهن کان به معافي وٺندو. رپوٽرس ودائوٽ بارڊرز پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ناظم جوکيو پاران ٻي وڊيو سوشل ميڊيا تي رکڻ بعد ناظم جوکيو جو تشدد ٿيل لاش مليو. رپورٽرز ودآئوٽ بارڊرز موجب ناظم جوکيو پنهنجي پهرين ريڪارڊ ڪيل وڊيو ذريعي علائقي ۾ ناياب نسل جي تلور پکين جي غيرقانوني شڪار جي نشاندهي ڪرڻ پئي گهري.

آر ايس ايف جي ايشيا پئسفڪ ڊيسڪ جي سربراهه ڊينيل بسٽارڊ جو چوڻ آهي ته ناظم جوکيو جو قتل ان ڪري به صدمي ۾ مبتلا ڪندڙ آهي ته ان ۾ هڪ پارليامينٽيرين جي ملوث هئڻ جو معاملو سامهون آيو آهي.غيرقانوني شڪار ڪندڙ پرڏيهي مقامي ايم پي اي ڄام اويس گهرام جا مهمان هئا. ناظم جوکيو جڏهن ڌمڪين باوجود ريڪارڊ ڪيل وڊيو نه هٽائي ته ايم پي اي پاران کيس ڳالهين جي نالي تي 2 نومبر تي ڄام هائوس گهرايو ويو، جنهن کانپوءِ سندس تشدد ٿيل لاش مليو، هن مطالبو ڪيو آهي ته، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ناظم جوکيو جي قتل جي آزاداڻي جاچ جو حڪم ڏئي ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي، ڇاڪاڻ ته ناظم جوکيو شهرين کي علائقي جي جابر شخص جي زيادتين بابت آگاهه ڪرڻ خاطر پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. ناظم جوکيو جا قاتل ڪنهن به صورت ۾ بچڻ نه گهرجن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *