Friday , March 29 2024

شڪارپور: پوليس تاجڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو

shikarpur map
شڪارپور پوليس چيو آهي ته خانپور مان پڪڙيل شڪي نوجوان آپگهاتي بمبار هو، جيڪو افغانستان کان هتي پهتو، جنهن لاهور ۾ آپگهاتي حملي جو منصوبو جوڙڻ جو اعتراف به ڪيو آهي.
شڪارپور پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته، خانپور مان پڪڙيل شڪي نوجوان آپگهاتي بمبار آهي، جيڪو لاهور ۾ درگاهه بيبي پاڪ دامن ۾ ڌماڪو ڪرڻ جو ارادو رکي پيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته، جوابدار کي چار ڏينهن اڳ خانپور ويجهو گرفتار ڪيو، جنهن کي سڃاڻپ ڪارڊ يا ٻيو ريڪارڊ نه هجڻ سبب شڪي سمجهو ويو.
پوليس جو چوڻ آيه ته هن اعتراف ڪيو آهي ته، کيس افغانستان مان لاهور گهرايو ويو جتي درگاهه بيبي پاڪ دامن ۾ ڌماڪي جي ذميواري ڏني وئي، جيڪو پروگرام ملتوي ڪري کيس ڪراچي گهرايو ويو.

Shikarpur tower
ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور حسن رضا جي سربراهيءَ ۾ ضلعي سطح جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورين مذهبي ڌرين جي ضلعي ذميوارن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ڊي سي واضح ڪيو ته حڪومت جي پاليسي آهي ته هر هڪ کي سيڪيورٽي نه ٿا ڏئي سگهون، جنهن سبب مسجد، درگاهه يا مندرن واريون ڌريون پنهنجي الڳ الڳ رضاڪار فورس جوڙين ۽ انهن کان سيڪورٽي جو ڪم وٺن،جن کي پوليس کان سکيا ڏياري ويندي…..

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *