Tuesday , April 16 2024

شيخ رشيد سنڌين کي بهارين سان ڀيٽڻ واري بيان تي سنڌي قوم کان معافي وٺي ڇڏي

ڪراچي( بيورو چيف  سنڌسماءَچار) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سنڌين کي بهارين سان ڀيٽڻ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ بابت پنهنجي بيان تي معافي وٺي ڇڏي آهي، شيخ رشيد سنڌي ٽي وي چئنل ” ڪي ٽي اين نيوز “ جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته، ”مان اصل ۾ بنگالي ۽ بهاري چوڻ پئي چاهيو پر زبان تِرڪڻ سبب سنڌي چئجي ويو، منهنجو اهو مطلب هرگز نه هو”. شيخ رشيد وڌيڪ چو ته، سنڌ پاڪستان جي خالق، آءُ سنڌ ۽ سنڌين لاءِ اهڙو سوچي به نه ٿو سگهان، ان باوجود منهنجي غلطي جيڪري سنڌين جي دل آزاري ٿي آهي ان تي آءُ معافي ٿو وٺان“.

وفاقي گهرو وزير آچر ڏينهن 11 اپريل تي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته ” وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته، ڪجهه قوتون ڪراچي ۾ سنڌين ۽ بهارين جي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي مخالفت ڪري رهيون آهن“.

شيخ رشيد جو مڪمل بيان پڙهڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪراچي ۾ رهندڙ ڌرتي ڌڻين کي غيرقانوني طور ترسيل بهارين سان ملائي ڇڏيو

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *