Thursday , March 28 2024

شهباز شريف ڌانڌلين جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) شهباز شريف 2018 جي عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي 30 ڏينهن اندر رپورٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته، جيڪڏهن سندن مطالبو منظور نه ٿيو ته مخالف ڌر روڊن تي هوندي ۽ احتجاج ڪيو ويندو، وزيراعظم جي چونڊ کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته چونڊن ۾ ملڪي تاريخ جون بدترين ڌانڌليون ٿيون، هارائڻ وارن سان گڏ کٽڻ وارا به روئي رهيا آهن، سوالن جا جواب نه مليا ته تحريڪ هلائينداسين پر پارليامينٽ تي حملو نه ڪنداسين.هن چيو آهي ته ڪميٽي هڪ مهيني اندر ڌانڌلين ۾ ملوث ماڻهن جو پتو لڳائي رپورٽ ايوان ۾ نه ڏني ته اپوزيشن احتجاجي تحريڪ هلائيندي. هن چيو ته چونڊن واري رات آر ٽي ايس مشينز کي زبردستي بند ڪيو ويو، هيءَ ڪهڙيون چونڊون هيون جو گهِٽين جي نالين مان بيلٽ پيپرز مليا. چونڊن ۾ بدترين ڌانڌليون ٿيون، اها پهرين چونڊ آهي جنهن ۾ کٽڻ ۽ هارائڻ وارا ٻئي روئي رهيا آهن.

ن ليگ صدر شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته، ڪيترائي تڪ اهڙا هئا جتي رد ڪيل ووٽن جو تعداد ڪاميابي جي مارجن کان وڌيڪ هو. شهباز شريف چيو ته چونڊن ۾ڌانڌلين جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪميشن جوڙي وڃي ۽ ان جي اڻڌري آڊٽ ڪرائي وڃي ۽ پوءِ ذميوارن جو پتو لڳائي کين ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. هن چيو ته ملڪي سلامتي ۽ ترقي لاءِ چونڊ ۾ ڌانڌلين جو پتو لڳائڻ ضروري آهي، 30 ڏينهن اندر ايوان ۾ ڌانڌلين جو پتو لڳائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. شهباز شريف عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان اسان سان معاهدو ڪيو هو ته ڌانڌلي ثابت ٿي ته نوازشريف حڪومت کان ڌار ٿي ويندو ڇا اڄ هو پنهنجا لفظ پاڻ تي لاڳو ڪري سگهي ٿو. نون ليگ صدر جو چوڻ هو ته عمران خان، اسان اوهان کي ڀڄڻ نه ڏينداسين ۽ ووٽ جي چوري جو حساب ورتو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *