Wednesday , April 17 2024

شهباز شريف، بلاول، سراج الحق، فضل الرحمان جي پٽ ۽ ٻين جي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ملاقات

وفاقي وزير شيخ رشيد ۽ پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان پاران ملاقات جي تصديق

اسلام آباد ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) اپوزيشن ليڊر شهباز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سراج الحق، شيري رحمان، رحمان ملڪ، جي يو آءِ ۽ اي اين پي اڳواڻن جي ملڪمجي عسڪري قيادت سان ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون، وفاقي وزير شيخ رشيد ۽ پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان ملاقات جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت وچ ۾ آل پارٽيز کان 4 ڏينهن اڳ ٿيل ملاقات جا تفصيل منظر تي اچي ويا آهن. ميڊيا رپورٽس مطابق ملڪ جي سياسي قيادت جن ۾ پارلياماني اڳواڻ اپوزيش ليڊر شهباز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، رحمان ملڪ، خواجا آصف، سينيٽر شيري رحمان، جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق، مولانا فضل الرحمان جو پٽ اسعد فضل الرحمان جيو آءِ ۽ اي اين پي جا اڳواڻ ملاقات ۾ شامل هئا.

سياسي قيادت آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي،  ملاقات دوران ڊي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد به موجود هو. آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ملاقات جي وفاقي وزير شيخ رشيد تصديق ڪندي چيو ته ڌ، عسڪري قيادت پاران سياسي قيادت تي واضح ڪيو ويو آهي ته پاڪ فوج ملڪ ۾ ڪنهن به سياسي عمل سڌي يا اڻسڌي ريت واسطو نه آهي، اليڪشن، چونڊ سڌارن سميت ڪنهن به معاملي ۾ فوج جو ڪو به تعلق ناهي، پاڪ فوج ضرورت پوڻ تي فوج سول انتظاميا جي مدد ڪندي رهندي.

ان سلسلي ۾ پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سينيٽر شيري رحمان نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته کيس فون آيو هو ته عسڪري قيادت گلگت بلتستان معاملي تي سياسي قيادت سان ملاقات ڪرڻ چاهي ٿي، اسين اتي پهتاسين ته مون پڇيو ته وزيراعظم ڪٿي آهي، جنهن تي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم ٻئي ڪمري ۾ آهي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شيري رحمان چيو ته گڏجاڻي ۾ گلگت بلتستان سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ٿيو،

سنڌ حڪومت پاران بُنڊار سان گڏ ڏنگي ٻيٽ تي به منصوبن ۾ وفاق سان سهڪار جو اعلان

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *