Friday , April 19 2024

شرجيل ميمڻ جي ضمانتن جون درخواستون رد ٿي ويون

Sharjeel memon

سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ٽن ڪيسز ۾ حفاظتي ضمانت ۾ واڌ واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن، عدالت شرجيل ميمڻ خلاف سڌسماءَ کاتي ۾ پوڻن 6 ارب رپين جي ڪرپشن، بحريا ٽائون کي زمينون ڏيڻ ۽ ٻيلي کاتي جون زمينون غيرقانوني طور الاٽ ڪرڻ وارن ڪيسز ۾ سندس درخواستون رد ڪيون آهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فاروق شاهه جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ شرجيل ميمڻ جي ٽن ڪيسن ۾حفاظتي ضمانتن ۾ واڌ بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي سندس درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
ٻڌڻي دوران شرجيل ميمڻ جي وڪيل فيض شاهه دليل ڏيندي چيو ته سندس موڪل علاج لاءِ ٻاهر ويل هو ۽ هاڻي هو 27 فيبروري ڏيهه اچڻ چاهي ٿو ، جنهن لاءِ هن ٽڪيٽ به بڪ ڪرائي ڇڏي آهي.
شرجيل ميمڻ جي حفاظتي ضمانتن وارين درخواستن تي نيب پاران مخالف ڪئي وئي، جنهن کانپوءَ عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي شرجيل ميمڻ جون درخواست رد ڪري ڇڏيون.
ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ۾ چيو ته شرجيل ميمڻ جي ضمانتن ۾ ٻه ڀيرا واڌ ڪئي وئي، جنهن جو هن غلط استعمال ڪيو ۽ هاڻي ضمانت ۾ واڌ نٿي ڪري سگهجي…….

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *