Friday , March 29 2024

شرجيل ميمڻ جيل حوالي، يوسف ڪابورو جي گرفتاري لاءِ نيب ٽيم جوڙي ڇڏي، ڀڄي وڃڻ جي جاچ جو حڪم

   شرجيل ميمڻ دوستن سان گڏ – فائيل فوٽو

ڪراچي ( سنڌ سماءَچار نيوز) احتساب عدالت پوڻن ڇهن ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ريفرنس ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ اڳوڻي سيڪريٽري ذوالفقار شهلواڻي سميت ٻين جوابدارن کي 4 نومبر تائين عدالتي رمانڊ تي تي  جيل موڪلي ڇڏيو، جڏهن ته عدالت شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جي جسماني رمانڊ واري نيب پراسيڪيوٽر جي استدعا رد ڪري ڇڏي. نيب پاران اڳوڻي صوبائي وزير  شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين 12 جوابدارن کي اطلاعات کاتي ۾5 ارب 75 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن  ريفرنس واري ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. نيب شرجيل ميمڻ کي پوليس ۽ رينجرز جي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پهچايو، کيس بڪتر بند گاڏي ۾ عدالت آندو ويو. شرجيل ميمڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي عدالت نمبر هڪ ۾ ٿي. عدالت ۾ سندس پٽ راول ميمڻ، صوبائي وزير مڪيش چاولا، فياض ٻٽ، امداد پتافي، ڪلثوم چانڊيو ۽ سينيٽر سعيد غني سميت ٻين اڳواڻن ملاقات ڪئي. ان اڳ کان ايس ايس پي جاويد اڪبر رياض پوليس سميت احتساب عدالت جي سيڪيورٽي جو جائزو ورتو. عدالت ۾ نيب جي وڪيل جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي سندن حوالي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي. هن چيو ته شرجيل ميمڻ سميت ٻين جي خلاف ريفرنس داخل ٿي چڪو آهي. ان ڪري هنن کي اسان حوالي ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران شرجيل ميمڻ جي وڪيل عامر رضا نقوي پنهنجي دليلن ۾ چيو ته شرجيل ميمڻ جا گرفتاري وارنٽ نيب چيئرمين ۽ عدالت جاري ناهن ڪيا، پوءِ به کيس گرفتار ڪيو ويو، ان ڪري شرجيل ميمڻ جي گرفتاري غير قانوني آهي.

شرجيل ميمڻ کي آرٽيڪل 91 جي تحت ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته اسلام آباد جي عدالت مريم نواز ۽ ڪيپٽن ر صفدر کي آرٽيڪل 91 جي تحت آزاد ڪيو ويو آهي. عدالت داخل درخواست تي ٻڌڻي 4 نومبر تي ڪندي. هڪ ٻئي جوابدار منصور راجپوت جي وڪيل جو چوڻ هو ته سندس مؤڪل هاءِ ڪورٽ مان ضمانت  تي آهي، پوءِ به کيس گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪو توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو. عدالت سمورن وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ شرجيل ميمڻ سميت ٻين 12 جوابدارن کي 4 نومبر تائين جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. عدالت شرجيل ميمڻ سميت ٻين جي جيل موڪلڻ واري وارنٽ تي صحيح ڪري ڇڏي. جنهن جون ڪاپيون شرجيل ميمڻ سميت سمورن جوابدارن کي ڏنيون ويون. گرفتار جوابدارن کي جيل وٺي وڃڻ وقت ڪارڪنن نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي عدالت جي ٻاهران رينجرز ۽ پوليس جي وڏي نفري موجود هئي. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي هئي، جنهن کانپوءِ نيب عملدارن شرجيل انعام ميمڻ سميت 12 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *