Thursday , April 25 2024

شاهه لطيف يونيورسٽي فيض گنج جي ڏيڍ سئوشاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳائي ڇڏيو

فيض گنج( رپورٽر سنڌسماءَچار) فيض گنج تعلقي جي ڪرونڊي ڊگري ڪاليج جي 150 کان مٿي شاگردن کي يونيورسٽي انتظاميه غيرحاضر ڄاڻائي ڇڏيو آهي، متاثر شاگردن چيو آهي ته بي ايس سي جي امتحاني فارمن جي آخري تاريخ ۾ ٻه ڏينهن رهيا آهن، امتحانن ۾ ويهڻ باوجود غير حاضر ڄاڻائي رڪارڊ جي درستگي لاءِ ساڍا چار هزار طلب ڪيا پيا وڃن. ڪرونڊي ڊگري ڪاليج جي بي ايس سي پارٽ ون ۽ ايم اي پارٽ ون جي ڏيڍ سئو کان مٿي شاگردن کي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي انتظاميه امتحان ۾ غير حاضر هجڻ جو جواز ڄاڻائي فيل ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ مظهر حسين جٽ، امداد آرائين، صائمه لاشاري، نرگس ۽ ٻيا شامل آهن. متاثر شاگردن ڪاليج آڏو يونيورسٽي انتظاميه خلاف احتجاج ڪندي چيو ته 2018ع جي بي ايس سي پارٽ ون جي امتحان ۾ ويٺل ڏيڍ سئو کان مٿي شاگردن کي يونيورسٽي انتظاميه غير حاضر ڄاڻائي فيل ڪيو آهي جڏهن ته ڪاليج انتظاميه طرفان امتحان ۾ شاگردن جي موجود هجڻ جون شيٽون ڏيڻ باوجود يونيورسٽي انتظاميه کين خيرپور گهرائي پاس ڪرڻ لاءِ ساڍا 4 هزار رپيا رشوت طلب ڪري رهي آهي.  هنن دانهيو ته کين  رزلٽ دير سان  ڏني وئي ۽بي ايس سي پارٽ ٽو جي امتحاني فارمن جي آخري تاريخ ۾ ٻه ڏينهن رهيا آهن پر يونيورسٽي انتظاميه مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن گورنر سنڌ ۽ تعليم واري وزير سميت وس وارن کان گهر ڪئي ته سندن مسئلو حل ڪرائي پڙهائي جو سال بچايو وڃي.  هوڏانهن ڪرونڊي ڊگري ڪاليج جي پروفيسر راڄ راڄپر ٻڌايو ته شاگرد امتحان ۾ ويٺا هئا، جن جو رڪارڊ موجود آهي، يونيورسٽي کي ڏيڻ باوجود انتظاميه شاگردن کي يونيورسٽي طلب ڪري تنگ ڪري رهي آهي، جنهن سبب شاگردن جي هڪ سال ضايع هجڻ جو خدشو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *