Saturday , April 20 2024

سڪرنڊ: شهباز مائينر جا ڪپر ڪمزور ٿي ويا، پاڻي اوور تاپ ڪري گهرن ۾ داخل ٿي ويو

سڪرنڊ: شهباز مائنر اوورٽاپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، شهرين جو چوڻ آهي ته پنجن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ سبب شاخ اوورٽاپ ٿي. شهر مان گذرندڙ شاخ شهباز مائنر اوور ٽاپ ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اصغر ڪالونيءَ جي ڪيترن ئي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويوجڏهن ته ۽ گهٽيون ۽ رستا پڻ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت گهرن مان پاڻي ڪڍيو، جڏهن ته آبپاشي عملدارن گهڻي دير بعد شهباز مائنر ۾ پاڻيءَ جي سطح گهٽائي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته آبپاشي عملدارن جي نا اهلي ۽ پنجن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ ڪري شهباز مائنر اوورٽاپ ٿي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

دوڙ ويجهو باهه لڳڻ ڪري 50 کان وڌيڪ ڪکاوان گهر سڙي رک

ڳوٺ کي لڳل باهه جو ڏيک – فوٽو سنڌسماءَچار دوڙ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) دوڙ ويجهو ڳوٺ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *