Thursday , March 28 2024

سکر: صحافين ۽ سول سوسائٽي پاران دهشتگردي خلاف امن ريلي

sukkur sattar2

سکر: صحافين ۽ سول سوسائٽي پاران دهشتگردي خلاف امن ريلي ڪڍي وئي. سکر ۾ صحافين ۽ سول سوسائٽي پاران دهشتگردي خلاف امن ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شامل ماڻهن گيڙو رومال پهري ڌمال هنئي. سول سوسائٽي ۽ صحافين هادي بخش ڀٽ وڪيل، نثار ڀنڀرو، جاويد ميمڻ، شبير شر، ابراهيم سارنگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب سکر تائين امن ريلي ڪڍي. امن ريلي ۾ صحافين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن، شهرين ۽ پوليس توڙي رينجرز جي اهلڪارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شامل صحافين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن گيڙو رومال پهري پريس ڪلب آڏو ڌمال هڻي سيوهڻ ۾ ٿيل دهشتگردي جي نندا ڪئي. ريلي ۾ شامل اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ صوفين، بزرگن ۽ امن پسند ماڻهن جي ڌرتي آهي، هن ڌرتي تي انتها پسندي، نفرت توڙي دهشتگردي جي ڪا به گنجائش نه آهي. ريلي ۾ شامل ماڻهن بعد ۾ پريس ڪلب سکر آڏو ميڻ بتيون ٻاري سيوهڻ سانحي ۾ شهيد ٿيلن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

sukkur sattar1

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *