Friday , March 29 2024

سکر/سڪرنڊ/ ميرپور خاص: مختلف شهرن مان ماڻهن جي گم ٿيڻ جو سلسلو جاري، انگ 45 کان وڌي ويو

لاڙڪاڻو/سڪرنڊ/ميرپورخاص: سنڌ جي مختلف علائقن مان گم ٿي ويل ماڻهن جي بازيابي لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، ٻئي طرف ماڻهن جي گم ٿيڻ جو سلسلو رڪجي ناهي سگهيو، مختلف شهرن مان وڌيڪ 13 ڄڻا گم ۽ 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان پراسرار نموني گم ڪيل ماڻهن جو انگ وڌي 60 ٿي ويو آهي ۽ گم ڪيل ماڻهن جي وارثن کي پوليس سميت ڪير به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي ته سندن نوجوان جيئرا به آهن يا نه.  گم ڪيل ماڻهن مان ڪجھ ماڻهن بابت مختلف عدالتن ۾ آئيني درخواستون پڻ داخل ٿيل آهن، جن جون مختلف وقتن تي شنوايون رکيل آهن.

ميڊِيا رپورٽس مطابق ۾ گهرن تي چڙهايون ڪري ننڍ پيل سماج سڌارڪ پرتاب شيواڻي، ليکڪ ۽ استاد نصير ڪنڀر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڳوٺ ٻٽڙا ۾ چڙهائي ڪري جسقم جي ضلعي صدر عمر انڙ کي به اڻسڃاتل ماڻهن کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي جن جي اڃا تائين گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي. جنهن سبب وارث سخت پريشاني جو شڪار آهن، گم ڪيلن جي وارثن الزام هنيو آهي ته پوليس گهرن تي چڙهايون ڪري سندن نوجوانن کي گم ڪري ڇڏيو آهي. سندن چوڻ آهي ته گهرن تي چڙهايون ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو آهي، هنن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ڪٿي سندن نوجوانن کي جڙتو مقابلا ڄاڻائي قتل نه ڪيو وڃي.

ٿر جي اديبن سول سوسائيٽي جي ماڻهن وڪيلن صحافين سياسي سماجي اڳواڻن اهڙي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اڳواڻن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

جسقم آريسر جي ترجمان موجب دادو ضلعي جي نائب صدر عظيم ابڙي کي به اڻسڃاتل ماڻهو کڻي ويا آهن، جنهن کانپوءِ هُو اڃا سوڌو گم آهي، شڪ آهي ته کيس گم ڪيو ويو آهي.

ٽنڊو محمد خان ۾ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار ۽ پوليس اٽالا شهر جي پير پاڙي، سومرا پاڙي، پيپلز ڪالوني سميت مختلف علائقن کي ڪڙو چاڙهي، جسقم ضلعي ٽنڊو محمد خان جي جنرل سيڪريٽري جاويد هاليپوٽو، سندس ڀاءُ بابو هاليپوٽو، ڀاڻيجي تيمور، جساف جي ضلعي صدر جواد حسين سومري، سندس دوست ببلو کوکر کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيوم  ويو آهي. جسقم اڳواڻن الزام لڳايو آهي ته پوليس اسان جي گهرن تي چڙهايون ڪري چار ديواري جو تقدس پائمال ڪيو آهي ۽ گرفتار ڪيل اڳواڻن کي گم ڪرڻ کان پوءِ کين ظاهر نه ڪرڻ سان سندن حياتي کي خطرو آهي.

ميرپورخاص پوليس رات دير سان ڊي ايس پي سيٽلائيٽ ٽائون جي اڳواڻي پوليس اٽالن ميرپورخاص لڳ ڪوري ڳوٺ تي ڇاپو هڻي جسقم جي ڪارڪنن ذوالفقار، سجاد ڪوري، عبدالحفيظ ۽ جواد ، کي گرفتار ڪري غريب آباد ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيلن مان اڃا تائين ڪنهن جي به خلاف ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو. جسقم اڳواڻ غلام مصطفيٰ ڪوري صحافين کي ٻڌايو ته پوليس بيگناهه ڪاڪنن کي گرفتار ڪري رياستي جبر ڪري رهي آهي پوليس ڇاپي دوران عورتن ۽ ٻارن کي به تشدد جو نشانون بڻايو جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هن مطالبو ڪيو ته غيرقانوني طور گرفتار ڪيل ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

هوڏانهن عمرڪوٽ ضلعي جي غلام نبي شاھه پوليس سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي عمرڪوٽ جي ضلعي نائب صدر حاجي آچر مري ۽ ضلعي جنرل سيڪريٽري مھر علي سمون کي پٿورو روڊ تان گرفتار ڪري ورتو، پوليس گرفتار ٿيل ٻنهي اڳواڻن کي غلام نبي شاھه ٿاڻي تي آندو، پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي مٿان کان ھدايت ملي آھي ان ڪري ٻنهي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو آھي، پوليس ھٿان گرفتار ٿيل ٻنهي اڳواڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پ پ سرڪار ايس يو پي پاران 20 آگسٽ تي ڪراچي ۾ اعلانيل سنڌ مارچ کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ايس يو پي ڪارڪنن خلاف ڪارروائي ڪري ڪارڪن گرفتار ڪرائي پئي.

ٻئي طرف حيدرآباد ۾ ڄامشورو مان ڪجهه ڏينهن اڳ پراسرا نموني گم ٿي ويل صحافي ۽ بيئڪ آفيسر جي گهرڀاتين پاران سندن بازيابي لاءِ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي صحافي غلام رسول برفت جي گهرواري مسمات ممتاز برفت، ظهير حسين جي ڀيڻ ۽ آصف جي امڙ مسمات عظيمان برفت ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڄامشورو مان سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار سندن گهرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد ڪري صحافي غلام رسول، بنئڪ آفيسر ظهيرحسين ۽ آصف کي زبردستي کڻي ويا، جن جو اڃا تائين ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن چيو ته کين خدشو آهي کنڀجي ويلن جي زندگي کي خطرو آهي. هنن انساني حقن ۽ سنڌ سرڪار سميت سول سوسائٽي جي اڳواڻن کان مطالبو ڪيو ته گرفتار ڪري گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ آواز اٿاريو وڃي، هوڏانهن دادو پريس ڪلب جي صدر ولي چانڊيي جي ڀاءُ جي گرفتاري خلاف ڄامشوري ۾صحافين ڪي ڪي بروهي، شاهد خٽڪ، شريف ابڙو،صدرالدين جوڻيجو، علي مراد چانڊيو،علي محمد مگسي،مظهرعظيمي، خالد حسين شاهه، ربنواز ابڙو، آصف کوسو سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، دادو پريس ڪلب جي سڏ تي صحافين پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي قلم ڌڻين ولي چانڊيو، اصغر لغاري، طارق لغاري، محمد رفيق چني، نياز چانڊيو، ولي محمد لنڊ، گاجي خان منڱريو، جاويد لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميهڙ ۾ صحافين پريس ڪلب جي صدر جاويد سومرو، محمد علي شيخ، نياز ڀٽي، بدر سهول، مرتضي پنهور، سونو ڏيپر، عامر تيوڻو جي اڳواڻي ۾ ميهڙ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، مختلف هنڌن تي خطاب ڪندي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ جبري گمشدگين جو نوٽيس وٺي گم ڪيل ماڻهو آزاد ڪيا وڃن. هوڏانهن رات دير سان ميرپورخاص ۾ جسقم اڳواڻ ۽ ليکڪا امر سنڌو جو ڀاءُ نجف لغاري، ٺٽي مان جسقم اڳواڻ عمران خشڪ ۽ نواب شاهه مان جسقم صدر مسعود شاهه کي قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار کڻي ويا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *