Friday , April 26 2024

سپريم ڪورٽ ماءُ، پيءُ ۽ ڀاءُ جي قتل ۾ سزا آيل عاصما نواب کي آزاد ڪري ڇڏيو

عاصما نواب گرفتاري وقت (فائل فوٽو)

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ عاصما نواب ۽ سندس ساٿين  جي موت جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو،عاصما نواب تي الزام آهي ته هن  دوست سان گڏجي ماءَ، پيءُ ۽ ڀاءَکي قتل ڪيو .جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏيندي چيوته مئجسٽريٽ جي ڪري ثبوت ضايع ٿيا، اهڙي مئجسٽريٽ کي عهدي تان هٽائڻ گهرجي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس  جي جوابدر عاصما نواب موت جي سزا جي خلاف اپيل ڪئي.عدالت عاصما نواب جي اپيل منظور ڪندي  سزائون ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيون. عدالت ڄاڻايو ته قتل جي حوالي سان شاهديون جوڳيون ناهن.گهر جي ويرانڊي مان پسٽل جا ٽڪرا  ۽ ڇريون شاهدي لاءِ پيش ڪيون ويون،جيڪا نالائقي آهي. جسٽس آصف سعيد کوسا  ڄاڻايو ته مئجسٽريٽ جي نا اهلي سبب ثبوت ضايع ٿي ويا،جيڪڏهن جوابدار آجا ٿي وڃن ٿا ته اهڙي مئجسٽريٽ کي برطرف ڪيو وڃي. عاصما نواب تي الزام آهي ته هن پنهنجي دوست سان گڏجي ماءَ، پيءُ ۽ ڀاءَ کي قتل ڪيو هو.

قتل جي واردات 31 ڊسمبر 1998 ۾ پيش آئي هئي. والدين عاصما نواب جي مرضي سان شادي ڪرائڻ کان انڪار ڪيو هو. جوابدار جوڊيشل بيان ۾ قتل جو اعتراف ڪيو هو ۽ بعد ۾ عاصما نواب پنهنجي بيان تان ڦري وئي هئي. عاصما جي والدين ڌيءَ جي شادي سندس سئوٽ سان ڪرائڻ گهري پئي.ان ڪيس ۾ عاصما نواب، فرحان ۽ جاويد کي ٻه ٻه ڀيرا موت جي سزا  ٻڌائي وئي هئي. عدالت ۾ عاصما جي ڀيڻ ۽ ڀاءَ موجود هئا، سزا ڪالعدم قرار ڏيڻ تي هو لڙڪ لاڙي ويٺا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *